ورلڊ ڪپ ٽيم ۾ نه کڻڻ تي جنيد خان جو انوکو احتجاج، وات تي ٽيپ لڳائي تصوير سوشل ميڊيا تي رکي ڇڏي

ڪراچي ( رپورٽر) فاسٽ بالر جنيد خان ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪرڻ تي انوکو احتجاج ڪندي وات تي ٽيپ لڳائي پنهنجي تصوير سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ڇڏي.ڪالهه عالمي ڪپ لاءِ ٽيم جي اعلان ڪندي انضمام الحق جنيد خان، فهيم اشرف ۽ عابد علي کي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ مان ڊراپ ڪرڻ  جو اعلان ڪيو. جنهن تي جنيد خان کي ڏک رسو. هن وات تي ٽيپ هڻي تصوير جاري ڪئي. پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ فاسٽ بالر جنيد خان چيو آهي ته ته مان ڪجهه نٿو چوڻ چاهيان، سچ ڪڙو هوندو آهي.03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.