رپورٽ: بدين: گوادر ۾ شهيد ٿيل گارڊن جي وارثن سان ذوالفقار مرزا جي تعزيت

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: بدين: گوادر ۾ شهيد ٿيل گارڊن جي وارثن سان ذوالفقار مرزا جي تعزيت
عوامي آواز رپورٽرپورٽ: بدين: گوادر ۾ شهيد ٿيل گارڊن جي وارثن سان ذوالفقار مرزا جي تعزيت

 

گوادر ۾ دھشتگردن سان مقابلي دوارن شھيد ٿي ويل سيڪيورٽي گارڊن جي وارثن جي سائتا لا۽ بلوچستان حڪومت سميت وفاق ۽ سنڌ سرڪار ڪو به اعلان نه ڪيو

گوادر ۾ شھيد ٿي ويل ٻه سيڪيورٽي گارڊ بلاول لاشاري ۽ ظھور لاشاري جي ڳوٺ حاجي خان لاشاري ۾ اڳوڻو  صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا پھچي وارثن سان تعزيت ڪئي

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته ھنن جوانن پنھجي جواني قربان ڪري ملڪ جي عوام جي حفاظت ڪئي آهي.

ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو چوڻ هو ته وفاقي توڙي سنڌ حڪومت جي نمائندن کي گهرجي ته هو به نوجوانن جي تڏي تي لڙي اچي پونئيرن کي آٿت ڏين.

ان موقعي تي حسام علي مرزا، سردار مير عبدالعزيز جمالي، ڪوثر ذيدي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.