پاڪستاني ٽيم ته عالمي ڪپ لاءِ تيار ئي ناهي….!

جيڪڏهن ڪو به رانديگر اهو سوچي ميدان تي لهندو آهي ته کيس پنهنجي ڪارڪردگي نه پر پنهنجي حيثيت مڃائڻي آهي ته پوءِ هو ان جدوجهد ۾ پنهنجي فطري صلاحيتون اظهارڻ ۾ ناڪام ٿي ويندو آهي ۽ جتي هڪ نه پر ڪيئي رانديگر پنهنجي هئڻ جو احساس ڏيارڻ ۾ لڳي وڃن ته اتي بهترين کان بهترين رانديگر به ڪٿي نه ڪٿي مايوسي جو منهن ضرور ڏسندو آهي.

هڪ ڪرڪيٽ مداح طور آءٌ سمجهان ٿو ته عالمي ڪپ کان پهريان انگلش ٽيم خلاف پنجن هڪ ڏينهن وارين ميچن تي ٻڌل سيريز وڏي اهميت رکي پئي، پر جهڙي ريت هن ٽيم شرم جوڳي راند جو مظاهرو ڪيو آهي ان مان نٿو لڳي ته هي ٽيم ڪا عالمي ڪپ لاءِ  پوري طرح تيار به آهي الائي نه؟

ائين به ناهي ته هنن رانديگرن ۾ صلاحيتن جي کوٽ آهي، هي رانديگر تي اٽڪل چئن سالن کان عالمي ڪپ جي تياريون ڪري رهيا آهن ۽ سندن مسلسل محنت جو نتيجو ئي آهي جو کين عالمي ڪپ سان گڏوگڏ انگلينڊ خلاف به موقعو ڏنو ويو ۽ ڪجهه رانديگرن کي اهو پڻ يقين ڏياريو ويو ته جيڪڏهن هو انگلينڊ خلاف سيريز ۾ ذڪر جوڳي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪن ٿا ته کين به عالمي ڪپ ۾ ٽيم جو حصو بڻايو ويندو.

پر ڇو جو عالمي ڪپ لاءِ چونڊجڻ باوجود ڪنهن به رانديگر کي پنهنجي موجودگي جو يقين نه هو ته هُو عالمي ڪپ ٽيم جو حصو هوندو يا نه سو اهو مسئلو پاڪستان جي ڪاميابين جي رستي رڪاوٽ بڻيل رهيو.  جيڪي بيٽسمين هئا اهي هر ميچ ۾ رنسون ٺاهيندا رهيا، انفرادي هدفن پٺيان ڊوڙندي ريڪارڊ ساز سينچريون به پاڪستان جي حصي ۾ آيون پر انهن سينچرين باوجود به پاڪستان چارائي ميچون هارائي ويو ……!

جيڪي بالر هئا، سي ان شڪ ۾ متبلا رهيا ته ايندڙ ميچ ۾ ڪٿي کين بئنچ ته نه ويهاريو وڃي. بئنچ جي ويهڻ کان بچڻ لاءِ ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي آهي ۽ ڪارڪردگي جو ثبوت ڏيڻ لاءِ وڪيٽون به حاصل ڪرڻيون پونديون آهن، ان سڄي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستاني بالر رڳو وڪيٽون وٺڻ لاءِ ئي بالنگ ڪندا رهيا، پر اهو نه سوچيائون ته انگلش بيٽسمين مار ڌاڙ لاءِ آيل آهن ۽ ڇا مخالف بيٽسمين رڳو آئوٽ ٿيڻ لاءِ ايندا آهن؟  ڇا وڪيٽون وٺڻ لاءِ رڳو ارادو ڪرڻ ئي ڪافي هوندو آهي؟ ڇا پلاننگ جي به ضرورت هوندي آهي؟  اٽيڪنگ بالنگ ڪرڻي ئي آهي ته پوءِ فيلڊنگ کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ جو ڪهڙو سبب ؟ آسٽريليا خلاف گذريل سيريز ۾ شعيب ملڪ جي اڳواڻي ۾ به اهو ئي مسئلو رهيو ته بالر وڪيٽون وٺڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا ۽ ڪپتان رنسون روڪڻ جي نتيجي ۾ آسٽريليا پاڪستان کي وائيٽ واش شڪست ڏئي ڇڏي .

انگلش ٽيم خلاف پنج هڪ ڏينهن واري سيريز پنهنجي پڄاڻي تي پهچي چڪي ۽  پاڪستان ناڪام ثابت ٿي چڪو ، هن سيريز ۾ جتي بيٽسمين ” انفرادي “ ئي صحيح پر جدوجهد ڪندي نظر آيا، پر بالرن پهريون دفعو  مايوس ڪري ڇڏيو، پر ڇا پاڪستان جي هار ۾ رڳو بالرن جو ئي ڏوهه آهي؟ ڇا ڪنهن کي اهو خيال نه آيو ته ان لڳاتار شڪستن ۾ فيلڊنگ جو ايترو ئي هٿ آهي جيترو خراب بالنگ جو؟  فيلڊنگ سدائين پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو رهي آهي، پر پي ايس ايل شروعات ۽ نوجوان ٽيلنٽ جي اڳيان اچڻ کان پوءِ فيلڊنگ ۾ ڪجهه بهتري نظر آئي پر آسٽريليا ۽ انگلينڊ خلاف سيريز ۾ فيلڊنگ پڻ تمام گهڻو مايوس ڪيو، ان جو ذميوار ٽيم مئنيجمنٽ جي ڪيل ” تجربن “ کي به قرار ڏئي سگهجي ٿو ۽ هاڻ گرين شرٽس وٽ عالمي ڪپ کان پهريان به وڌيڪ ٻن وارم اپ ميچن ۾ ” تجربا “ ڪرڻ جو موقعو هوندو.

ان سموري صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪجهه به چئون پر عالمي ڪپ جي تيارين لاءِ کيڏيل سيريز جيڪا پاڪستان چار ٻڙي تان هارائي آهي، ان مان ته اهوئي لڳي ٿو ته پاڪستان عالمي ڪپ لاءِ تيار ئي ناهي. …!

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.