ڇا عيد کانپوءِ دما دم مست قلندر ٿيندو

زلف پيرزادو

اسلام آباد ۾ زرداري هائوس تي مخالف ڌر جي سياسي پارٽين جي سمورن اڳواڻن افطار پارٽيءَ ۾ شرڪت ڪئي. جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري، آصف زرداري، مريم نواز، شاهد خاقان عباسي، مولانا فضل الرحمان، سراج الحق، حاصل بزنجو سميت بلوچ اڳواڻ، اسفند يار ولي، آفتاب شيرپائو ۽ ٻيا شامل آهن. مخالف ڌر جا اڳواڻ ان معاملي تي متفق ٿيا ته موجوده حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي. عوام مهانگائيءَ جي سوناميءَ ۾ ٻڏي رهيو آهي. ان ڪري ضروري ٿي ويو آهي ته موجوده حڪومت مان عوام کي نجات ڏياري وڃي. اڳواڻن اعلان ڪيو ته عيد کانپوءِ حڪومت خلاف ايوان اندر ۽ ٻاهر احتجاج ڪيو ويندو. جڏهن ته آل پارٽيز ڪانفرنس پڻ ڪوٺائي ويندي جنهن ”چارٽر آف ڊيموڪريسي“ تيار ڪيو ويندو.

سوال اهو آهي ته اهڙيون ڪهڙيون حالتون پيدا ٿي ويون جن مخالف ڌر پارٽين جي اڳواڻن کي هڪ صفحي تي آڻي ڇڏيو آهي.

ڳالهه صفا چٽي ۽ پڌري پٽ آهي ته پي ٽي آءِ سرڪار جيڪي به اعلان ڪيا عمل ان جي ابتڙ ڪيو نتيجي طور وزيراعظم عمران خان جو نالو ”يوٽرن خان“ پئجي ويو. خودڪشي ڪندس، آءِ ايم ايف وٽ نه ويندس، پئٽرول ۽ گئس مهانگي ٿئي ته سمجهو وزيراعظم ڪرپٽ ۽ چور آهي. وزيراعظم هائوس بدران پنهنجي گهر ۾ رهندس، وزير مشير وڏين گاڏين ۽ پروٽوڪول ۾ اسيمبلي اچڻ بدران سائيڪل تي چڙهي اسيمبلي پهچندا، گورنر هائوس ڊاهي يونيورسٽيون قائم ڪيون وينديون. هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏنيون وينديون، بي گهر مسڪين ماڻهن کي سستا گهر تعمير ڪري ڏنا ويندا. وغيره وغيره.

سوال اهو آهي ته مٿي ڄاڻايل ۽ اڪيچار ٻين اعلانن تي 9 مهينن ۾ ڪيترو عمل ٿي سگهيو آهي. اهو ڪنهن کان به ڳجهو نه آهي ته عمل بلڪل ابتڙ ئي ٿيو آهي. نتيجي ۾ اخلاقي طور پي ٽي آءِ سرڪار ناڪام ٿي چڪي آهي نه صرف ناڪام ٿي چڪي آهي پر عوامي سطح تي پنهنجي ساک ڪيرائي چڪي آهي. اهو چئجي ته پنهنجي ناڪاميءَ جو اعتراف به ڪري چڪي آهي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. ان جو ثبوت پنهنجا پارٽي جا چونڊيل نمائندا هٽائي اڻ چونڊيل ماڻهو صلاحڪار مقرر ڪرڻ آهي. اسد عمر ۽ فواد چوڌري کي هٽائي اڻ چونڊيل حفيظ شيخ ۽ فردوس عاشق اعواڻ کي مقرر ڪرڻ اهو اعتراف آهي ته پي ٽي آءِ سرڪار وٽ مختلف معاملا هلائڻ لاءِ اهل ٽيم نه آهي. ان ڪري عام طور تي اهو چيو پيو وڃي ته هي چونڊيل نه پر ٽيڪنوڪريٽ حڪومت آهي. هاڻ جڏهن عوام اهو مطالبو ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته اسان کي نئون پاڪستان نه گهرجي پراڻو پاڪستان موٽائي ڏيو، تڏهن مخالف ڌر حڪومت مخالف حالتن جو فائدو وٺڻ لاءِ هڪدم سرگرم ٿي وئي آهي.

اسلام آباد زرداري هائوس ۾ ٿيل افطار پارٽي ۾ اٽڪل سمورين حڪومت مخالف پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي آهي ۽ هڪ آواز ٿي اهو اعلان ڪيو آهي ته عيد کانپوءِ پي ٽي آءِ حڪومت خلاف ايوان اندر ۽ ٻاهر احتجاج ڪيو ويندو.

اهڙي اعلان ۽ اڳواڻن جي ڳالهين مان ائين محسوس ٿيو ڄڻ عيد کانپوءِ دما دم مست قلندر ٿيندو. ان لاءِ به ته مهانگائيءَ عوام کان ٻن ويلن جو ڳڀو به کسي ورتو آهي. بجلي گئس مهانگي ٿي وئي آهي، اهڙي حالت ۾ تمام مختصر عرصي يعني 9 مهينن ۾ عوام پنهنجي ئي چونڊيل حڪومت کان بيزار ٿي ويو آهي جنهن جو فائدو مخالف ڌر وٺڻ چاهي ٿي انتظار ڪجي ٿو ته عيد کانپوءِ حالتون ڪهڙو رخ اختيار ڪن ٿيون.a

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.