رپورٽ:لکي غلام شاهه ۾ پ پ جي مقامي قيادت ڪهڙو ڪيو انڪشاف؟؟

[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”رپورٽ:لکي غلام شاهه ۾ پ پ جي مقامي قيادت ڪهڙو ڪيو انڪشاف؟؟ ” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/Reports/20190520Lakhi Ghullam Shah Pkg-05.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]

لکي غلام شاهه ۾ پ پ جي مقامي اڳواڻن چيو آهي ته ٽي ايم او 2 سئو ملازمن کي ويزا تي موڪليو آهي، جنهن ڪري شهر کنڊرات جا ڏيک ڏئي رهيو آهي.

پ پ اڳواڻ نبي داد جمالي، حبدار علي مهر ۽ علي گوهر ڀيو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٽائون آفيسر سيد نادر علي شاھ امروٽي ۽ ڪلارڪ عرفان ڏھر آفيس ۾ رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب عوام پريشان آهي.

سندن چوڻ هو ته ٽي اي او ملازمن کي ماهوار 5 کان 8 هزار رپيا وٺي ويزا تي موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن سبب شهر ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي.

اڳواڻن گهر ڪئي ته ٽي ايم او کي فوري طور هٽائي ترت سٺي ساک رکندڙ آفيسر مقرر ڪري عوام جي مسئلن کي حل ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.