نئين ڄاول ٻارن کي کير پيئارڻ نه رڳو ٻارن پر ماءُ به لاءِ به وڏن فائدن وارو!

يٿنز (ويب ڊيسڪ) ماءُ ۽ ٻار جو ساٿ هڪ فطري تحفو آهي ۽ هاڻي خبر پئي آهي ته اهي مائرون جيڪي پهنهنجن ٻارن کي باقاعدگي سان پنهنجو کير پيارينديون آهن . اهي ٻين عورتن جي ڀيٽ ۾ دل جي مرضن کان پري رهنديون آهن.

اها تحقيق يورپي سوسائٽي آف اينڊوڪرائنالوجي جي ميٽنگ ۾ پيش ڪئي وئي آهي. ان ۾ چيو ويو آهي ته جيڪي عورتون پنهنجن ٻارن کي مقرر وقت تائين کير پيارينديون آهن انهن ۾ دل جي مرضن جو خطرو گھٽجي ويندو آهي جنهن کان پوءِ ماهر ن سڀني عورتن کي چيو آهي ته هو پنهنجن ٻارن کي پنهنجو کير پيارن جنهن جا ٻيا به گھڻا فائدا آهن.

ان کان اڳ ماهر ثابت ڪري چڪا آهن ته کير پيارڻ جو عمل ٻار جي ڄمڻ کان پوءِ عورتن ۾ هڪ قسم جي ڊپريشن ۽ ڪيترن قسمن جي ڪينسر کان به محفوظ رکندو آهي. جيڪڏهن مائرون پنهنجن ٻارن  کي کير پيارينديون رهن ته ان سان هنن جي رت ۾ شگر جو مقدار برقرار رهندو آهي ۽وزن به صحتمند رهندو آهي.

کير پياريندڙ مائرن ۾ هڪ خاص قسم جو هارمون “پروليڪٽن” وڌي ويندو آهي جيڪو شگر جي خطري کي گھٽ ڪندو آهي ۽ ان سان دل جي بيمارين جو خطرو به گھٽ ٿي ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ماهرن کير پيارڻ دوران ان جي وچ ۾ صحتمند دل جي واسطي تي  ڀرپور تحقيق ڪئي آهي.

اها تحقيق يونيورسٽي آف ايٿنز جي پروفيسر آئرين ليمبرنيوداڪي ۽ سندس ساٿين ڪئي آهي جنهن ۾ سن ياس (مينوپاز) وارين عورتن، انهن ۾ کير پيارڻ جي رجحان ۽ دل جي والن ۽ شريانين جي صحت جو جائزو ورتو ويو آهي. گڏ ئي باڊي ماس انڊيڪس (بي ايم آءِ)، ڪولسٽرول ۽ سگريٽ ڇڪڻ جو رجحان به نوٽ ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.