رپورٽ:عمرڪوٽ: گذريل چئن مھينن دوران پاڪستان ۾ پوليو جا 17 ڪيس رجسٽرڊ

[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”عمرڪوٽ: گذريل چئن مھينن دوران پاڪستان ۾ پوليو جا 17 ڪيس رجسٽرڊ” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/Reports/20190520umar kot pkg.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]

*پاڪستان ۾ ھلندڙ سال جي گذري ويل چئن مھينن تائين ڪل پوليو جا 17 ڪيس رجسٽرڊ ٿي چڪا آھن

 ڊبليو ايڇ او ۽ عالمي ادارن جي سھڪار سان جاري پوليو کان بچاءُ واري وئڪسين مھم باوجود ھلندڙ سال جي گذري ويل چئن مھينن تائين پاڪستان ۾ پوليو  جي مرض ۾ سترنهن ٻارن جي وڪوڙجڻ  جي تضديق ٿي آهي .

سنڌ  ۾ به ٽي ڪيس ظاھر ٿيا آھن جن مان ٻن جو تعلق ڪراچي ۽ ھڪ جو تعلق ضلعي لاڙڪاڻي سان ٻڏايو وڃي ٿو

 پنجاب جي شهر  لاھور ۾ پوليو جا ٽي ڪيس خيبر پختوانخواھ ۾ 06 ڪيس جن ۾ ضلعي بنون ۾ پنج ۽ ھڪ ضلعي ھنڱو ۾ ظاھر ٿيو آھي.

 اھڙي ريت فاٽا ۽ ڪي پي ٽي ڊي علائقن ۾ پنج ڪيس پوليو جا مليا آھن جن ۾ ھڪ باجوڙ ھڪ خيبر ۽ ٽي ڪيسن جو تعلق نارٿ وزيرستان علائقن سان آھي پاڪستان ۾ اڪيلو صوبو بلوچستان اھڙو صوبو آھي جيڪو پوليو فري صوبو آھي.

 عمرڪوٽ ضلعي ۾ پوليو جي خاتمي واري پروگرام جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر فريد احمد جوڻيجو ٻڌايو ته اسان وٽ 40 ٻارڙن جا شڪي سيمبل وٺي ليبارٽري چڪاس لاء موڪليا ويا ھئا سي سڀئي ڪليئر ٿي ويا آھن ۽ ليبارٽري رپورٽ موجب عمرڪوٽ به پوليو فري ضلعو قرار ڏنو ويو آھي.

 واضح رھي ته گذريل سال 2018ع جي سموري سال دوران پاڪستان ۾ رڳو 12 پوليو ڪيس رجسٽرڊ ٿيا ھئا پر ھن سال جي رڳو چئن مھينن دوران 17 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا آھن……………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.