نيڊال عالمي نمبر هڪ جوڪووچ کي هارائي ”روم ماسٽرز ٽينس“ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو

روم ( ويب ڊيسڪ ) روم ماسٽرز ٽينس جو ٽائيٽل رفائيل نيڊال کٽي ورتو آهي.  نڊال فائينل ۾ عالمي نمبر هڪ نوواڪ جوڪووچ کي هارائي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو.

اسپينش رانديگر نائون ڀيرو اهو اعزاز ماڻيو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي.

روم ۾ کيڏيل ايونٽ جي فائينل ۾ رفائيل نيڊال نوواڪ جوڪووچ خلاف جارحاڻي انداز ۾ راند جي شروعات ڪئي، پهرين سيٽ ۾ بنا ڪنهن گيم ڊراپ ڪرڻ جي ڪاميابي حاصل ڪئي.

ٻئي سيٽ ۾ عالمي نمبر هڪ جوڪووچ ڀرپور ڪم بيڪ ڪيو ۽ ڇهه چار تان سيٽ کٽي مقابلو برابر ڪري ڪري ڇڏيو، ٽئين ۽ آخري سيٽ ۾ نيڊال وري مخالف رانديگر تي حاوي ٿيندي سيٽ ڇهه هڪ تان کٽڻ سان گڏوگڏ ٽائيٽل به پنهنجي نالي ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.