عيد کانپوءِ اپوزيشن جي اي پي سي،الڳ الڳ احتجاج ڪنداسين: بلاول

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) ملڪي معاشي صورتحال ۽ حڪومت خلاف حڪمت عملي تي غور لاءِ اپوزيشن پارٽيون وفاقي راڄڌاني ۾ گڏ ٿي ويون،عيد کانپوءِ اپوزيشن جي اي پي سي گهرائڻ تي اتفاق ٿي ويو،  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان سمورين اپوزيشن پارٽين کي افطار ڊنر جي دعوت ڏني وئي، زرداري هائوس ۾ ٿيندڙ افطار ڊنر ۾ مسلم ليگ ن جي وفد جي قيادت شاهد خاقان عباسي ڪئي، مريم نواز، حمزه شهباز، مريم اورنگزيب ۽ اياز صادق،خواجا آصف، پرويز رشيد، جماعت اسلامي جي لياقت بلوچ، اي اين پي جي ايمل ولي خان، زاهد خان،ميان افتخار حسين، آفتاب شيرپائو، حاصل بزنجو، جي يو آءِ ف جي مولانا فضل الرحمان، بلوچستان نيشنل پارٽي جي جهانزيب جمالديني، پي ٽي ايم جي محسن داوڙ، علي وزير ۽ ٻين شرڪت ڪئي، پ پ جي پڌرائي مطابق اپوزيشن جي ويهڪ ۾ ملڪ جي نازڪ معاشي صورتحال، مهانگائي ۽ عوام جي مشڪلات جي حل ۾ حڪومتي عدم دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اپوزيشن پارٽين گئس ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو رد ڪيو، نيب جي ڪاررواين تي به ڳڻتي جو اظهار  ڪندي انتقامي ڪارروايون قرار ڏنيون، ذريعن مطابق اجلاس ۾ مستقبل جي اپوزيشن جي حڪمت عملي تي به غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان ۽ عوامي نيشنل پارٽي عيد کان فوري بعد حڪومت مخالف احتجاجي تحريڪ جي تجويز ڏني، فضل الرحمان چيو ته اسان اڳ ۾ دير جو شڪار ٿي ويا آهيون، ڪهڙي شئي جو انتظار ڪري رهيا آهيو؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.