شڪارپور ويجهو هانءُ ڏاريندڙ روڊ حادثو، هڪ ئي گهر جي 8 ڀاتين سوڌو 10 ڄڻا فوت

شڪارپور/ٺل/لاڙڪاڻو(رپورٽ : ذوالفقارمگسي+نماڻو نوناري+مرتضيٰ ڪلهوڙو) شڪارپور ڀرسان ٻن ڪارن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ئي گهر جي 8 ڀاتين سميت 10 ڄڻا فوت ٿي ويا، هڪ ڳائڻي سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، شڪارپور ڀرسان ڪرن ٿاڻي جي حد ڀيا واھ لڳ ڪراچي کان جيڪب آباد ويندڙ تيز رفتار مهراڻ ڪار ۽ شڪارپور کان لاڙڪاڻي ويندڙ تيز رفتار ڪار جو ان وقت ٽڪر ٿي پيو، جڏهن هڪ ڪار سامهون موٽرسائيڪل اچي وئي جنهن کي بچائيندي ٻنهي ڪارن جي وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ مهراڻ ڪار ۾ سوار بهراڻي برادريءَ جي هڪ ئي گهر جا  ڀاتي جنهن ۾ 60 سالا حاجي گلاب بهراڻي، 40 سالا دل مراد ولد حاجي گلاب بهراڻي، 10 سالا معصوم نينگر فهد ولد دل مراد بهراڻي، 30 سالا مسمات زينب زال هوران بهراڻي، 8 سالا معصوم ٻارڙي انيلا ڌيءَ هوران بهراڻي، 6 سالا معصوم ٻار شڪيل پٽ هوران، 5 سالا معصوم ٻار ياسر پٽ هوران ۽ 18 سالا ياسين بهراڻي شامل هئا، جڏهن ته لاڙڪاڻي طرف ويندڙ ٻي ڪار جي ايل آءِ ۾ سنڌ جي مشهور ڳائڻي ليلى سورٺ سمون ، نماڻو سمون ۽ ٽي ٻيا ماڻهو سوار هئا، ٻنهي جي وچ ۾ ٿيل خوفناڪ حادثي ۾ بهراڻي برادري جي هڪ ئي گهر جا 5 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا ، جڏهن ته بروقت  7 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جڏهن ته ٻن ڄڻن شڪارپور جي اسپتال ۾ دم ڏنو. لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيل زخمين ۾ سنڌ جي ناليواري گلوڪاره ليليٰ سورٺ، سندس مڙس ڪامران، ڀاءُ پپن سمون، مامو عبدالعزيز سندراڻي، ڪار ڊرائيور جانب چانڊيو. ٻئي ڪار سوار ۾ ڪراچي واسي عورت فرزانه بهراڻي، ٻارڙا عذرا بهراڻي، فيضان بهراڻي ۽ ياسين بهراڻي شامل آهن. زخمين جي پهچڻ تي چانڊڪا اسپتال جي انچارج ايم ايس ڊاڪٽر عبدالستار شيخ هنگامي بنيادن تي مختلف شعبن جي ڊاڪٽرن ۽ عملي کي طلب ڪري ايمرجنسي لڳائي زخمين کي طبي امداد ڏني. ان کان اڳ بجلي بند ٿيڻ ڪري ۽ آڪسيجن جي سلينڊرن جي کوٽ سبب زخمي سخت گرميءَ ۾ تڙپندا رهيا. ٻئي طرف اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي ڪار ڊرائيور جانب چانڊيو ۽ 14 سالن جو نينگر ياسين بهراڻي فوت ٿي ويا، جن جا لاش وارث گهر ڏانهن کڻائي ويا. ان موقعي تي زخمي عبدالعزيز سندراڻي ٻڌايو ته اسان لاڙڪاڻي کان جيڪب آباد وڃي رهيا هئاسين ته ڳڙهي ياسين ڪرن ٿاڻي جي حد ڀيا واهه وٽ پويان ايندڙ تيز رفتار ڪار جو اسان جي ڪار سان خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ اسين زخمي ٿيا آهيون. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين حادثي ۾ زخمي ٿيلن جو علاج هلندڙ هو، ٺل واسي بدنصيب خاندان جا ٽن ٻارن سميت 8 فوتين جا لاش ڪالهه سندن ٺل ڀرسان ڳوٺ زنگي پور ۾ پهچڻ شرط گهرن ۾ قهرام مچي ويو، ٺل ڀرسان ڳوٺ زنگي پور جو رهواسي 65 ورهين جو حاجي گلاب بهراڻي پنهنجي ڌيءَ،  پٽ، پوٽن ۽ ڏوهٽن سميت ڪراچي کان ٺل اچي رهيو هو ته شڪارپور ويجهو روڊ حادثو پيش آيو،جنهن سبب 65 ورهين جوحاجي گلاب بهراڻي،سندس 40 ورهين جو پٽ دلمراد ولد گلاب بهراڻي،سندس پوٽي 14 ورهين جي عذرا ڌي دلمراد بهراڻي، پوٽو 9 ورهين جو فهد علي ولد دلمراد بهراڻي،سندس 35 ورهين جي ڌيءَ زينت زال هوران علي بهراڻي،ڏوهٽو 5 ورهين جو ياسر علي ولد هوران علي بهراڻي،ڏوهٽو 10 ورهين جو ياسين ولد هوران بهراڻي موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، 14 ورهين جو ياسين بهراڻي لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. فوتين جا لاش گهر پهچڻ تي سندن گهرن ۾ روڄ راڙو مچي ويو،هڪ ئي خاندان جي گهر ۾ 8 لاش شڪارپور مان ايمبولينس ذريعي پهچڻ تي ڀرپاسي جو ماحول سوڳوار ٿي ويو آهي،مختلف ڳوٺن جا ڳوٺاڻا زنگي پور فوتين جي گهرن ۾ پهچي ويا، حادثي سبب اجل جو شڪار ٿي ويل بدنصيب خاندان جي گهر ۾ تڏو وڇايو ويو آهي،جڏهن ته فوتين جي جنازي نماز اڄ ڳوٺ زنگي پور ۾ ادا ڪرڻ بعد سوين آلين اکين سان ابائي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. ٻڌايو پيو وڃي ته گلوڪاره پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏ شڪارپور آيل هئي جنهن پنهنجي هڪ مريض کي شڪارپور جي معروف نفسياتي ڊاڪٽر کان چڪاس ڪرائڻ کانپوءِ شڪارپور ڀرسان سندراڻي جي ڳوٺ ۾ ڪجھه وقت لاءِ مهمان طور ترسي بعد ۾ جي ايل آءِ ڪار ۾ سوار ٿي پنهنجي ساٿين سان لاڙڪاڻي وڃي رهي هئي ته کين ڀيو واھ وٽ حادثو پيش آيو جنهن ۾ گلوڪاره ليلى سورٺ سمون، جانب چانڊيو، عبدالحفيظ سندراڻي، ڪامران سمون زخمي ٿي پيا، جڏهن ته انهن سان گڏ نماڻو سمون فوت ٿي ويو، جڏهن ته عمري تي ويل 60 سالا گلاب بهراڻي کي واپس وٺي پنهنجي اباڻي گهر مهراڻ ڪار تي سوار ٿي وٺي اچي رهيا هئا ته کين حادثو پيش آيو، جنهن ۾ هڪ ئي گهر جا 8 ڀاتي فوت ٿي ويا.063041

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.