دل جي مرضن جي سالَ اڳ خبر لهي سگهجي ٿي: تحقيق

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) رت جي هڪ ٽيسٽ سان  ڪيترائي سال اڳ دل جي مرض جي اڳڪٿي ڪري سگھجي ٿي، رت جي ٽيسٽ في الحال تحقيقي مرحلي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، جلد آمريڪا ۾ متعارف ڪرائي ويندي.

دل جو مرض اڪثر ڪري ان وقت سامهون ايندو آهي جڏهن معاملو گھڻو خراب ٿي چڪو هجي ۽ مريض ان بابت ڄاڻي سُن ٿي ويندو آهي پر هاڻي رت جي هڪ ٽيسٽ سان ڪيترائي سال اڳ دل جي دوري جي خطري بابت ڄاڻي سگھجي ٿو.

اها گھڻي حساس ٽروفينين ون بلڊ ٽيسٽ آهي، جيڪا دل جي مرض جي اڳڪٿي ڪيترا سال اڳ ڪري سگھي ٿي، ايتري تائين جو اهڙن ماڻهن ۾ به جن ۾ ڪنهن به قسم جي علامت سامهون نه آئي هجي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب تحقيق دوران 15 ورهين جي عرصي ۾ 54 سالن کان 73 ورهين جي 8 هزار ماڻهن جو جائزو ورتو ويو، 1998ع ۾ جڏهن پهريون ڀيرو اهڙن ماڻهن جي رت جا نمونا ورتا ويا جن ۾ دل جي مرض جو ڪو به امڪان موجود نه هو.

جنهن کان پوءِ دوا ٺاهيندڙ ڪمپني جي تيار ڪيل  حساس بلڊ ٽيسٽ ۾ هنن جي رت ۾ ٽروپونين جي سطح جو جائزو ورتو، اهو هڪ اهڙو پروٽين آهي، جيڪو دل ان وقت خارج ڪندي آيه جڏهن ان کي نقصان رسي رهيو هجي ۽ رت جي نمونن ۾ ان جي سڄاڻپ ممڪن هوندي آهي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ان تحقيق ۾ رضاڪارن جو جائزو 15 ورهين تائين ورتو ويو ته جيئن ڏسي سگھجي ته هنن کي ڪو دل جو مرض ته ڪانهي، 85 سيڪڙو محفوظ رت جي نمونن ۾ ٽروپونين جي تشخيص ۾ هارٽ اٽيڪ جو خطرو ٻيڻو جڏهن ته فالج جو خطرو 3 ڀيرا وڌيڪ هوندو آهي.

ٽروپونين جو مقدار گھڻُ هجڻ ڪري ماڻهن ۾ هارٽ فيل سبب اسپتال پهچڻ جو خطرو چئوڻ تي وڌي ويندو آهي.

صحت جي عالمي اداري موجب دل جو مرض ۽ فالج دنيا ۾ موت جو سڀ کان وڌو سبب آهي پر ان کي روڪڻ هن وقت ممڪن آهي جڏهن ته ان جي تشخيص جلد ٿي وڃي ته ته طرز زندگي ۾ تبديلي آڻي ان خطري کي نمايان حد تائين گھٽائي سگھجي ٿو.

اها رت جي ٽيسٽ في الحال تحقيق مرحلي لاءِ استعمال ٿي رهي آحي پر ان کي جلد آمريڪا ۾ متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.