عالمي ڪپ ۾ پاڪستان کي ڇا ڪرڻ گهرجي…؟ معين خان ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڪپتان معين خان چيو آهي ته پاڪستان جي بيٽنگ لائين ڀرپور فارم ۾ آهي، عالمي ڪپ ۾ بالر فارم ۾ اچي ويا ته ٽيم ڪاميابيون ماڻي سگهي ٿي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي معين خان چيو ته پاڪستان جو ٽاپ آرڊر فارم ۾ آهي، اهڙي صورتحال ۾ عابد علي جي جاءِ ٺهڻ ڏکيو ٿي پيو، فخر ۽ امام سٺا رانديگر آهن، ممڪن آهي ته ٽيم لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پئجي وڃن پر عابد وٽ اڳتي به گهڻي ڪرڪيٽ آهي.

اڳوڻي ڪپتان چيو ته انگلينڊ خلاف سيريز ۾ بيٽنگ ڪمال ڪيو ۽ هڪ نئين اميد ڏني آهي، بالر فارم ۾ اچي ويا ته پاڪستان ٽيم کي ڪاميابيون ضرور ملنديون.

هڪ سوال جي جواب ۾ معين خان چيو ته عالمي ڪپ ۾ ان اعتماد سان ميدان تي لهڻو پوندو ته ٽيم ڪاميابيون حاصل ڪري سگهي ٿي ۽ سڀئي رانديگر دنيا جي بهترين رانديگرن منجهان هڪ آهن، اهو اعتماد ڪاميابي لاءِ اهم آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هوته ميگا ايونٽ ۾ ڪنهن به پليئر کي اهو ئي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو جيڪو ستاويهه ورهيه اڳ جاويد ميانداد ادا ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.