پشاور(م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي ته اسپتالن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي، سرڪاري اسپتالن ۾ اهو نظام آڻڻ چاهيون ٿا جيڪو شوڪت خانم ۾ آهي، اسپتال جي فنڊ ريزنگ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڊاڪٽر صحت جي شعبي ۾ سڌارن خلاف مهم هلائي رهيا آهن، ڪي پي ۾ ڊاڪٽر مظاهرو ڪري رهيا آهن، مان انهن ڊاڪٽرن کان پڇان ٿو ته ڇا توهان سرڪاري اسپتال ۾ علاج کان مطمئن آهيو؟ هن چيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ علاج دنيا جي معيار مطابق نٿو ٿئي، سرڪاري اسپتالون ٺيڪ ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي بليڪ ميلنگ ۾ نه اينداسين، هن چيو ته اميد آهي ته سمنڊ ۾ ڊرلنگ سان گئس جا ذخيرا ملندا، ان کانپوءِ50 سالن تائين ٻاهريان گئس گهرائڻ جي ضرورت نه پوندي،هفتي اندر خوشخبري ملندي. وزيراعظم چيو ته ماڻهن کي بلاول ۽ مريم جي افطارتي گڏجڻ ۾ حيرت نه ڪرڻ گهرجي