تشدد جو شڪار ٿيل صحافين جي سار ڪير لهندو…؟ 

ماريا اسماعيل

صحافت جي آزادي ۽ پنهنجي فرض جي ادائيگي ڪندي عوام کي بروقت ۽ درست معلومات جي فراهمي لاءِ سوين صحافين ، فوٽوگرافرن، ڪميرامين ۽ بلاگرزوڏيون  قربانيون ڏنيون آهن پر تنهن هوندي به صحافين پنهنجي فرض جي ادائگيءَ کان پوئتي پير نه ڪيو آهي .

 معاشري ۾ صحافين تي تشدد ڪرڻ واري عمل ۾ پوليس، رينجرز، وڏيرن ۽ سياسي جماعتن جي ڪارڪنن سميت سماج جون اهي قوتون به شامل آهن جيڪي مافيائن جو روپ اختيار ڪري چڪيون آهن. ان ڏس ۾ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته وري صحافين تي ٿيندڙ اهڙي تشدد جي جانچ وري پوليس ڪندي آهي. جيڪا انويسٽيگيشن دوران ڪيس کي اهڙي موڙ تي پهچائي ڇڏيندي آهي جتان ڪيس ئي ختم ٿي ويندو.

اهڙو هڪ واقعو 4 سال اڳ 2 فبيروري 2016ع تي پيش آيو هو جنهن ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري جي خلاف پي آءِ اي جا ملازم پنهنجن حق لاءِ پرامن مظاهرو ڪري رهيا هئا ته پيش آيو، پوليس ۽ رينجرز انهيءَ احتجاجي مظاهري کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي مظاهرين تي لاٺي چارج ڪري کين منتشر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ پي آءِ اي جا ٻه ملازم مارجي ويا ۽ ميڊيا جا ست ماڻهو زخمي ٿي پيا.

ميڊيا جي زخمي ٿيل انهن ڪئميرا مين ۽ صحافين جي زندگي ته انهيءَ مظاهري بعد تبديل ٿي وئي جو سخت زخمي ٿيڻ ڪري پنهنجا ادارتي فرض سرانجام ڏيڻ کان قاصر رهيا جنهن جي ڪري مالي بحران جي ور چڙهي ويا، اهي ڪ.ميرا مين اڄ تائين مختلف تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن پر سندن جو ڪوبه پرسان حال ناهي.

انهيءَ مظاهري دوران زخمي ٿيندڙ ڪئميرا مين شفيق دلشار جو چوڻ آهي ته انهيءَ مظاهري ۾ سڀ کان پهريان مان زخمي ٿيو هوس جو مظاهرين تي ٿيل فائرنگ ۾ ٻه گوليون مون کي به لڳيون هيون ، گوليون منهنجي هٿ ۾ لڳيون هيون.

شفيق دلشار هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته منهنجي اداري منهنجي وڏي سپورٽ ڪئي. شفيق دلشار چيو ته منهنجي هٿ کي ٺيڪ ٿيڻ ۾ ٽن مهينن کان وڌيڪ جو عرصو لڳو ۽ هاڻي منهنجوهٿ بلڪل به ٺيڪ آهي ۽ مان وري فيلڊ ۾ ڪم ڪرڻ جهڙو آهيان، سندس چوڻ هو ته سندس اداري ڊان سندس تمام گهڻو خيال رکيو ۽ منهنجي علاج جو مڪمل خرچ برداشت ڪيو. جڏهن ته علاج دوران آرام جي اجازت پڻ ڏني وئي.

مان ڇوٿين مهيني بلڪل به ٺيڪ ٿي ويس ۽ آفيس وڃڻ لڳس ته تڏهن به ڪوشش ڪري مون کان تمام گهٽ ڪم ورتو ويندو هو.            هُن هڪ سوال جي جواب ۾ اداس ٿيندي ٻڌايو ته سنڀي کي خبر آهي ته فائرنگ ڪهڙي نه قهر جي هُئي ۽ سڄي دنيا کي خبر هُئي ته فائرنگ ڪنهن ڪئي آهي پر افسوس جو وري ڪيس صرف خانه پوري ڪرڻ لاءِ نامعلوم ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو .مون کي انڪوائري جي لاءِ هڪ دفعو پوليس اسٽيشن به گهرايو ويو ۽ فون ڪري سموري واقعي جي آگاهي به ورتي وئي. مگر اڄ تائين ڪيس هلي نه سگهيو آهي. جڏهن ڪيس نه هليو ئي نه ته پوءِ مان ڇاڪريان پوليس ٿاڻي جا چڪر به اجايا ٿيا ۽ پوليس کي ڏنل معلومات به اجائي ٿي

شفيق دلشاد جو چوڻ هو ته منهنجي زخمي ٿيڻ بعد منهنجو ڪٽمب ڪنهن وڌي مشڪل جو شڪار نه ٿيو جو منهنجي اداري منهنجي وڏي سپورٽ ڪئي نه ته منهنجو خاندان رلي وڃي ها، پر ٻئي پاسي شفيق دلشاد جي اها به شڪايت آهي ته پريس ڪلب، سنڌ حڪومت ۽ صحافين جي ٻين تنظيمن سندس ڪا به سار نه لڌي ۽ نه ئي ڪا مدد ڪئي آهي.

صحافن جي حقن جي لاءِ جاڪوڙ ڪندي پاڪستان پريس فائونڊيشن جي هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 2002ع کان وٺي اڄ تائين مختلف واقعن ۾ 171صحافن کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي. جڏهن ان عرصي دوران 77 صحافن تي معمولي تشدد جي واقعا رپورٽ به ٿيا آهن .

ان سلسلي ۾ صوبائي سڌ سماءَ واري کاتي جي ڊائريڪٽر زينت جهان عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان جو کاتو صرف صحافين جي مالي مدد ڪندو آهي.

 هن چيو ته چينل يا اخبار ۾ واقعي جي اچڻ کان پوءِ مدد ڪئي ويندي آهي، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪو به صحافي درخواست ڏيندو آهي ته پوءِ مڪمل طور تي جاچ ڪئي ويندي آهي ته هو زخمي ڪهڙي طرح ٿيو ۽ قتل ٿيڻ جا سبب ڪهڙا آهن.

هن ٻڌايو ته متاثر صحافيءَ جي سمري ٺاهي موڪلي وئي آهي جنهن جي منظوري کان پوءِ فنڊ جاري ڪيا ويندا آهن. ڊائريڪٽر زينت جهان سان جڏهن 2016ع جي واقعي ۾ زخمي ڪئميرامين جي حوالي سان پچيو ويو ته هن جواب ڏنو ته مان ان وقت موجود نه هئس ان ڪري مونکي خبر نه آهي.

هڪ ٻئي سوال جي جواب زينت جهان ٻڌايو ته جڏهن درخواست ايندي آهي ته پوءِ فنڊ جاري ڪيا ويندا آهن ان ڪري مون کي درست تفصيل معلوم نه آهن. هن چيو ته صحافين جون زخمي ۽ قتل ٿيڻ جي حوالي سان درخواسوت گهٽ اينديون آهن، درخواستن جي اڪثريت بيماريءَ جي معاملي ۾ مدد ۽ سهڪار ڪرڻ جي حوالي سان هونديون آهن.

معلومات کي عوام تائين بروقت پهچائڻ دوران زخمي ٿيندڙن ايڪسپريس جي نوجوان ڪميرامين وسيم مغل عوامي آواز سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته جڏهن احتجاجي مظاهرو ڪندڙن پي آءِ اي جي هيڊآفيس کان جناح برج جي طرف پرامن طور وڃي رهيا هئاسين ۽ اسان جا رپورٽرز پنهنجي لائيو خبر ڏيڻ جون تياريون ڪري رهيا هيا ته اوچتو فائرنگ شروع ٿي ۽ هنگامو ٿيڻ شروع ٿي ويو، رينجرز ۽ پوليس به فائرنگ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ۽ مظاهرو ڪندڙن تي لاٺهي چارج به ڪئي وئي .ڪميرا مين وسيم مغل وڌيڪ چيو ته منهنجي ڪنڌ تي ڏنڊو لڳو جنهن جا اثر اڄ تائين آهن. هن چيو ته سرديون شروع ٿينديون آهن ته سخت تڪليف ٿيندي آهي. وسيم مغل چيو ته هڪ پرامن مظاهري ۾ هنگامو ۽ فساد ٿيڻ هڪ اڳ واٽ سوچيل سمجهيل سازش ئي چئي سگهجي ٿي.

جيڪو ڳجهارت اڄ تائين ڀڄي نه سگهي آهي. هن الزام هينو ته ماڻهو صرف آسرا ڏيندا آهن ۽ ڳالهيون ڪندا آهن پر عملي طور تي تمام گهٽ مدد ٿيندي آهي. وسيم مغل ٻڌايو ته ان وقت پ پ جا اڳوائڻ مولابخش چانڊيو ۽ سهيل انورسيال اسپتال ۾ زخمين سان ملڻ وقت 3.3 لک رپيا ڏيڻ جو وعدو ڪيو هو پر اهو وعدو اڃان تائين وفا ٿي نه سگهيو آهي.

وسيم هڪ هڪ ٿڏو ساهه ڀريندي ڳالهه جاري رکندي چيو ته اسان جو اداري به ڪجهه نه ڪيو ۽ نه ئي وري پريس ڪلب ۽ نه ئي ڪنهن صحافين جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن ڪجهه ڪيو. اسان کي صرف آسرا ڏنا ويا. اسان اڄ به امداد جا منتظر آهيون. وسيم پنهنجي ماضيءَ کي ياد ڪندي چيو ته مان پهريون دفعو زخمي نه ٿيو آهيان هن ٻڌايو ته جڏهن نائن زيرو ته رينجرز ڇاپو هنيو هو ته مون کي گولي لڳائي هئي ان وقت به سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه 5لک ڏيڻ جو وعدو ڪيو پر اهو به واعدو وفا نه ٿيو.   وسيم اداس ٿي چيو ته اسان رپورٽرز کان رڳو جانورن وانگر ڪم ورتو ويندو آهي پر اسان جو خيال رکڻ وارو ڪوئي به نه هوندو آهي.

 هن چيو ته اسان به هروقت سنڌ سرڪار کي ياد ڪرائيندا رهندا آهيون. هڪ دفعي سنڌ جي وڏي وزير جي صلاڪار بئرسٽر مرتضي وهاب کي ياد ڪرايو ته هن چيو ته اسان کي فوٽيج ڏيڪاريا وڃن يا اخبارون ڏيڪاريون وڃن اوهان ٻڌايو اسان هن کي ڪهڙي طرح ڏيکايون .هڪ سوال جي جواب ۾ وسيم مغل معني خيز انداز ۾ مسڪرائيندي چيو ته اوهان کي معلو نه آهي هئي فائرنگ ڪنهن ڪئي هئي ان تي ڪيس ڪهڙي طرح داخل ڪيو ويندو.

ڪيس به صرف نالي ماتر داخل ڪيو ويو، اسان جي زخمي ٿيڻ جي ڪابه انڪوائري نه ڪئي وئي ۽ نه ئي ٿاڻي يا عدالت ۾ گهرايو ويو، هُن چيو ته جڏهن پنهنجا صحافتي فرض ادا ڪندڙ صحافين جا وارث ئي رلندا رهيا ته اسان وري به زخمي ٿيا هياسين اسان وري ڪهڙي کاتي ۾ ليکباسين.

ان حوالي سان جڏهن ڪي يو جي (دستوري) جي صدر طارق ابوالحسن سان رابطو ڪيو ويو ته هن عوامي آواز کي ٻڌايو ته جڏهن رپورٽرز ۽ ڪميرامين يا فوٽوگرافر زخمي يا قتل ٿيندو آهي ته اسان ان جي قانوني معاونت ڪندا آهيو .هن چيو ته سڀني کان پهرين اسان صورتحال ڏسندا آهيون ته هو ڪهڙي سبب ڪري زخمي ٿيا يا قتل ٿيا آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته هنن جي ادارن سان به ڳالهه ٻولهه ٿي ته هو علاج جي لاءِ مالي سهڪار ڪري سگهن. طارق ابوالحسن چيو ته اسان وٽ ممبرن جا فنڊ موجود آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون کي درست اندازو نه آهي ته ڪهڙي زخمي يا قتل ٿيندڙ صحافين جي اسان مدد ڪري سگهيا آهيون. اسان جي نئين ٻاڊي آهي جنهن ڪري تفصيل معملوم نه آهن.

ڪي يو جي (برلن )جي جنرل سيڪريٽري ۽ سينئر صحافي عاجز جمالي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته اهڙن واقعن ۾ زخمي ۽ قتل ٿيندڙن صحافين جي مالي ۽ قانوني مدد ڪرڻ رياست ۽ حڪومت جي ذميواري آهي.

ان کان پوءِ انهن ادارن جي ذميواري هوندي آهي جنهن ۾ رپورٽرز ۽ ڪيمرا مين ڪم ڪندا آهن. هن ٻڌايو ته ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جو هڪ مالياتي فنڊ موجود هوندو آهي. جنهن سان هو پنهنجي ممبرن جي زخمي يا قتل ٿيڻ کان پوءِ مالي مدد ۽ قانوني سهڪار به ڪندا آهن.

هن چيو ته مونکي اندازو نه آهي ته ڪهڙي صحافن جي مدد ڪئي آهي .هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته باقي جيڪي اسان جا ممبر نه آهيان انهن لاءِ ڪراچي پريس ڪلب جي هڪ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي موجود آهي جنهن ۾ جيڪي به صحافتي تنظميون آهن هو ميمبر آهن، انهن جو هڪ فنڊ سسٽم آهي جنهن تحت جيڪو ميمبر نه آهي ان جي مالي ۽ قانوني مدد ڪئي ويندي آهي .

ائرپورٽ ٿاڻي جي ڊي ايس پي خالد چيو ته 4سال اڳ جو واقعو آهي جيڪو ياد نه آهي .ان جي لاءِ رڪارڊ چيڪ ڪرڻ پوندو ڇو ته اسان رڪارڊ موبائيل يا هٿ ۾ رکي نٿا هليو ،هن هڪ غير تسلي بخش جواب ڏنو. آزادي صحافت، خبر ۽ معلومات بروقت عوام تائين پچائڻ جي عمل دوران پوليس، رينجرز، بااثر سياست دان ۽ ڏوهاري ماڻهو پاران تشدد جا شڪار ٿيندڙ صحافي صرف شفيق دلشاد ۽ وسيم مغل نه آهن ٻيا به ڪيترائي صحافي آهن جن جون ڪهاڻيون به اهڙيون ئي آهن جهڙيون شفيق دلشاد جون يا وري وسيم مغل جون.

گذريل ٻن ٽن سال دوران پاڪستان ۾ صحافين تي تشدد ۾گهٽائي ٿي آهي. پر مجموعي طور تي ميڊيا ۽ صحافت پابندين، عدم استحڪام، تشدد ۽ پابندين جو شڪار رهي آهي .

پاڪستان پريس فائونويشن جي جاري ڪيل هڪ رپورٽ موجب پاڪستاني ميڊيا انڊسٽري گذريل 71 سال کان تشدد، پابندين سميت ڪيئي ،سئلن جو شڪار رهي آهي پر 2018ع ۾ ميڊيا تي پابندين جي هڪ نئي ۽ سنگين لهر ڏسن ۾ آئي آهي جنهن جي مثال ماضي ۾ نٿو ملي . 2018ع چونڊن جو سال هو پر ان سال پاڪستان ۾ صحافين تي تشدد،اغوا ۽ قتل ڪرڻ جا 72 واقعا رپورٽ ٿيا آهن ان سان گڏ ميڊيا کي اهڙي سنسر شپ کي پڻ منهن ڏيڻو پيو آهي جيڪا ان کان اڳ پاڪستاني ميڊيا نه ڏٺي هُئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.