ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿان شهيد ٿيل نوجوانن جو انگ وڌي ويو….

سرينگر(ويب ڊيسڪ) ڪشمير ۾ ڀارت فوج جو جبر جاري آهي ۽ تازي رياستي دهشتگردي ۾ شهيد ٿيل ڪشميرين نوجوانن جو انگ وڌي 4 ٿي ويو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب ضلعي پلواما جي علائق پنزگام ۾ ڀارتي فوج طرفان آپريشن ڪيو ويوآپريشن ۾ 3 نوجوان شوڪت احمد ڊار، عرفان احمد ۽ مظفر احمد شهيد ٿيا.

فورسز علائقي ۾ هڪ گهر کي به ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.

ڀارتي فوج جي جبر جي خلاف پنز گام ۾ ڪيترن ئي ماڻهن مظاهرو ڪيو جن جي خلاف فورسز پيلٽ گنز ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيسي جو استعمال ڪيو جنهن بعد علائقي واسين ۽ فوجي اهلڪارن جي وچ ۾ جهڙپ جي صورتحال پيدا ٿي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ضلعي بارا مولا جي تحصيل سوپور ۾ به اهڙي قسم جي آپريشن ۾ هڪ نوجوان شهيد ٿي ويو.

قابض فورسز مظاهرن جي وڌندڙ خوف سبب وادي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ انٽرنيٽ سروس معطل ڪري ڇڏي جڏهن ته ڏکڻ ڪشمير ۾ مسلسل ٻئين ڏينهن به ٽرين سروس معطل رهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.