مٺي: اومني سينٽر عورتن لاءِ عذاب بڻجي ويو، عورتون بائيو ميٽرڪ بهاني ٺڳجڻ لڳيون

مٺي ( رپورٽ : غازي بجير ) مٺي ۾ اومني سينٽر بينظير ڪارڊ رکندڙ عورتن لاءِ عذاب بڻجي ويو، اومني وارا 10 هزار جي قسط تي هڪ هزار ڪٽوتي ڪرڻ لڳا، اهڙي عمل خلاف متاثر عورتن پاران احتجاج ڪيو ويو.

اومني مالڪ نريش ڪمار عورتن جي بائيو ميٽرڪ ڪرڻ بعد پئسا ڏيڻ بجاءِ کين  پرچيون ڏيئي رلائڻ لڳو، جڏهن تھ ڪيتريون ئي عورتون بائيو ميٽرڪ ڪرائي ڦرجي ويون آهن.

ڊي سي ٿرپارڪر  شهزاد ٿهيم جي نوٽيس بعد مختيارڪار جي پهچڻ کان اڳ  اومني مالڪ دڪان بند ڪري فرار ٿي ويا.

ان موقعي تي متاثر عورتن جو چوڻ هو تھ هو چئن ڏينهن کان دربدر ٿي رهيون آهن،  بايو ميٽرڪ ڪرڻ بعد پئسن بجاءِ  پرچي ڏيئي رلايو پيو وڃي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اومني سينٽرن جي عملي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.