وينن مان 200 گيس سلينڊر هٽايا ويا آهن: اويس قادر شاهه

ڪراچي ( رپورٽر ) ٽرانسپورٽ واري وزير دعويٰ ڪئي آهي ته هيل تائين 200 کان وڌيڪ سلينڊرز هٽايا ويا آهن. ٽرانسپورٽ کاتي جي وزير اويس قادر شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ پوليس جي مدد سان گئس سلينڊر لڳل وينن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪيو ويو آهي. هيل تائين مسافر وينن مان 200 کان وڌيڪ سي اين جي سلينڊرز ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته مالڪن تي 2 لک رُپين کان وڌيڪ ڏنڊ لڳايو ويو آهي. ٽرانسپورٽ واري وزير دعويٰ ڪئي ته ڪراچي جيڪب آباد، شڪارپور، سکر، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ ٻين شهرن ۾ ڪارروائيون ڪيون ويون، هن چيو ته وينن مان گيس سلينڊر ڪڍڻ ٽريفڪ پوليس جي ذميواري آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪشمور ڀرسان گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب وئن کي باهه لڳي وئي ۽ هڪ ئي ڪٽنب جي ڀاتين سوڌو 5 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.