سنڌ حڪومت ناڪام ٿي وئي

سنڌحڪومت عوام کي صحت سميت ٻين بنيادي سهوليتن جي فراهمي  واري ذميداري نڀائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. سنڌ جي اسپتالن ۾ اربين رپين جي بجيٽ هوندي ماڻهن کي صحت جي سهوليت نه ملي رهي آهي. حڪومت فقط اسپتالن جون بلڊنگس تعمير ڪرائي سگهي آهي جڏهن ته اسپتالن جو بنيادي ڪم علاج جي سهوليت هجي ٿو جنهن جي فراهمي نه پئي ٿئي.
سرڪاري اسپتالن ۾ ڪميشن عيوض غيرمعياري دواساز ڪمپنين کا ٻه نمبر دوائون خريد ڪري مريضن کي جانور سمجهي اهي دوائون ڏنيون پيون وڃن جنهن مان به اڪثر دوائون ٻاهران ‘مخصوص نجي ميڊيڪل اسٽورز تان خريد ڪرڻ لاءِ چيو ٿو وڃي ۽ اهي دوائون فقط انهيءَ مخصوص ميڊيڪل اسٽور کانسواءِ باقي ڪٿان به نه ٿيون ملن. اصل ۾ اهي دوائون غيرمعياري دواساز ڪمپنين جون هجن ٿيون جن سان اهي ڊاڪٽر لکين رپين جي ڪميشن وٺي معاهدا ڪن ٿا.
سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ۽ ڊرگ ڊپارٽمينٽ  جهڙا ادارا به انهن ڪمپنين ۽ دوائن جي چڪاس نٿا ڪن ۽ اهي به ڪميشن جي پيسن ما حصو وٺي انهن دوائن جي اجازت ڏئي ٿا ڇڏين. عوام ويچارو سرڪاري اسپتالن ۾ انهن راشي، بيحس ڊاڪٽرن جي رحم ڪرم تي ٿو هلي جيڪڏهن ڪو پڙهيو لکيوماڻهو آواز ٿو اٿاري ته ان کي چيو ٿو وڃي ته اسان وٽ اهو علاج آهي، جيڪڏهن اوهان چاهيو ته ڀلي وڃي پرائيويٽ اسپتال مان علاج ڪرايو.
هڪ پاسي صحت جي شعبي ۾ اهڙا بيحس ڊاڪٽر آهن ته وري ٻي پاسي اها وزارت حڪمران جماعت جي سربراهه آصف علي زرداري صاحب جي ڀيڻ وٽ آهي جنهن کي اهڙي شڪايت ڪرڻ جو ڪو به فائدو نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته وزير صاحبه وزارت جو ڪم به پنهنجي نوڪرن يعني پرسنل سيڪريٽرين جي ذريعي هلائي ٿي.
صحت جي شعبي ۾ علاج جو اهو سلسلو گذري 10 يا 15 سالن کان جاري آهي ۽ سڀني وسوارن کي ان جي چڱيءَ ريت ڄاڻ آهي پر ڪنهن به ذميدار سن بنيادي معاملي جي تدارڪ لاءِ ڪو به صفئدم نه کنيو آهي. ٿر جي اسپتالن ۾ معصوم ٻارن جو موت هجي، سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ايڇ آءِ وي/ ايڊز جي وبا توڙي هيپاٽائيٽس بي/سي جو موذي مرض هجي پر علاج جون سهولتون اهڙيون آهن جيئن آئون ذڪر ڪيو آهي.
اهڙي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت کي ناڪام نه چئجي ته ٻيو ڇا چئجي؟ هي تحرير ڪا سياسي نه آهي نه ئي ائون ڪنهن سياسي جماعت جو همدرد آهيان پر سنڌ جو شهري هجڻ جي ڪري هتي ملندڙ صحت يا ٻين شعبن ۾ ملندڙ سهولتن جي باري ۾ لکڻو پئجي ٿو ۽ پنهنجي صوبي جي بدتر حڪمراني تي روئڻو پوي ٿو.
سنڌ جي حڪمران جماعت جي چيئرمين ڪجهه وقت اڳ هڪ سياسي جلسي۾ تقرير ڪندي چيو هوته سندس حڪومت صوبي اندر عالمي معيارجون اسپتالون قائم ڪيون آهن ۽ اهي عالمي معيار جون سهولتون اِهي آهن جن جو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي.
وڏي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته حڪمران هاڻي پنهنجي عوام سان به سياست ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سنڌ جو عوام ڪو مخالف ڌرجي سياسي پارٽي نه آهي جنهن جي زندگين سان کيڏي وري ان تي سياست ڪجي ۽ سياسي جلسن۾ وڏي واڪي چئجي ته اسان عوام کي عالمي معيار جي طبي سهولت ڏيون ٿا.
هتي بدتر حڪمراني جي ڪري ماڻهون هزان جي تعداد ۾ مري رهيا آهن پر مجال جو ڪو ذميدار ادارو ان عمل جي جاچ ڪري ڪنهن تي جوبداري ثابت ڪري. ان خاموشي کي ڇا چئجي، ڇا اها خاموشي ناڪامي نه آهي؟

ان سوال جو جواب هاڻي عوام کي ڏيڻو پوندو ۽ اهو جواب حڪومتن کي چونڊڻ وقت ڏيڻو پوندو آهي پر اهو مرحلو ته هر 5 سالن کانپوءِ ايندو آهي. هن وقت عوام ۾ شعور بيدار  ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ پاڻ سان ٿيندڙ نانصافي جي خلاف آواز اٿارڻ لاءِ احتجاج ڪيو وڃي ۽ اهڙا فورم ٺاهيا وڃن جنهن جي ذريعي لاڳاپيل فورمن/ عدالتن تائين اهي معاملا کنيا وڃن ۽ حڪومت ۾ اچي عوام جي زندگين تي.سياست ڪندڙ ذميوارن کي بينقاب ڪيو وڃي پر ان عمل ۾ مخالف سياسي جماعتن کي محض سياست ڪرڻ کان روڪجي ٻي صورت ۾ اهي عوام جي انهيءَ حقيقي تحريڪ کي ناڪام ڪري سگهن ٿا.

باقي مخالف سياسي ڌرين کي اها گذارش ڪئي وڃي ته اهي صوبائي توڙي قومي اسيمبلي۾ اهڙن مسئلن بابت آواز اٿارين، قرارداد آڻين ته جيئن حڪمران پارٽي توڙ ي حڪومتي ادارن تي ڀرپور پريشر پئجي سگهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.