ننڍي کنڊ جو زهريلو نانگ پيئڻ بلا ۽ ان جي ڪکڻ بعد بچاءَ لاءِ اپاءَ

سنڌي نالو: پيئڻ بلا.

انگريزي نالو: Common krait

سائنسي نالو: Bungarus Caeruleus

 جڏهن به نانگ ڪوذڪر ٿيندو آهي ته انسان ڄڻ خوف ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي ۽ پاڻمرادو هيڌانهن هوڏانهن ڏسڻ شروع ڪندو آهي ته متاه هتي به ڪو نانگ نه هُجي، تحقيق موجب هن وقت تائين دنيا ۾ 2800 نانگن جا خطرناڪ قسم معلوم ٿيا آهن، جن مان اڪثريت اهڙن نانگن جي آهي جيڪي انتهائي زهريلا چيا وڃن ٿا، هڪ طبي اندازي موجب سڄي دنيا ۾ هر سال تقريبا پنجويهه لک ماڻهن کي مختلف قسم جا نانگ چڪ پائين ٿا جن مان تقريبا ه کا ڏيڍ لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو اجل جو شڪار ٿين ٿا.

دنيا ۾ نانگن جي جيترا به خطرناڪ قسم معلوم ڪيا ويا آهن، انهن مان اڪثر نانگ قديم دور کان وٺي سنڌ ۽ هند جي خطي ۾ موجود رهيا آهن. سنڌ پڻ اهڙن ڪيئي خطرنال نانگن جو گهر آهي، اهڙن خطرناڪ ۽ زهريلن نانگن ۾ سنڌ جي “ پيئڻ بلا” نانگ به هڪ آهي، جنهن جو ڏنگيل پاڻي به نه گهرندو آهي ۽ ئي وري ٻيو دم ڀري سگهندو آهي، معنى نانگ جو چڪ لڳو ناهي ماڻهو مئو ناهي.

سنڌ جي انهيءَ خطرناڪ نانگن سنڌيءَ ۾ عام طور تي مروج نالو “ پيئڻ بلا”، آهي جڏهن ته انگريزيءَ ۾ کيس Common krait جي نالي سالي سان سڏيو وڃي ٿو ۽ سانسي تحقيقي ۽ سندس ڪٽمب جي حوالي سان کيس سائنسي نالو: Bungarus Caeruleus  ڏنو ويو آهي.

پيئڻ بلا جو ماڻهن کي مارڻ جو طريقو يا واردات ٻين نانگن کان بلڪل الڳ آهي، انهيءَ ڏس ۾ عام خيال اهو آهي ته پيئن بلا ماڻهن کي رات جو ننڊ دوران شڪار ڪندي آهي، ان لاءِ پيئن بلا ماڻهن کي چڪ نه هوڻي آهي پر هڪ عام خيال اهو آهي ته جڏهن ماڻهو گهر ننڊ ۾ ستل هوندا آهن ته پيئڻ بلا انهن جي وات ۾ زهر هاري ويندي آهي جيڪو ستل ماڻهوءَ جي جيئن ئي اندر ۾ داخل ٿيندو آهي ته هو ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويندو آهي.

پيئڻ بلا جي اهڙي شڪار واري طريقڪه ڪار خان بچڻ لاءِ سنڌي سماج ۾ ڪيئي طريقا موجود آهن ، جان اڪثر طريقا ٿر ۾ استعمال هيٺ آهن جو پيئڻ بلا جو گهڻو ناشو ٿر واسي ٿين ٿا.

سنڌ ۾ هڪ عام خيال اهو آهي ته پيئن بلا رڳو ٿر يا سنڌ جي ڪجهه ٻين علائقن ۾ ٿيندي آهي پر اهي ٻئي خيال غلط آهن. پيئڻ بلا سڄي سنڌ ۾ ٿيندي آهي ان سان گڏوگڏ هندستان ريگستان واري رياستن ۾ پڻ عام آهي.

پيئڻ بلا ٻين نانگن کان پنهنجي شڪل و صورت توڻين خاصيتن ۾ به گهڻي قدر مختلف ٿيندي آهي. هي بظاهر بي ضرر ۽ معصوم لڳندي آهي. ڏينهن جو ڪنهن سوراخ ۾ يا پٿرن ۽ ڀترن جي اوٽ ۾ يا گند ڪچري هيٺان خاموشي سان لڪي ويهندي آهي ۽ صرف رات جي وقت ۾ خوراڪ حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪرندي آهي. هي ڪاري رنگ جي سنهڙي ۽ عام طور تي ٽن فوٽن تائين ڊگهي ٿيندي آهي. هن جي خاص سڃاڻپ سندس جسم تي سفيد پٽا آهن جيڪي منهن کان سواءِ سموري جسم تي پڇڙي تائين ٿيندا اٿس. پيٽ سفيد يا ميرانجهڙو ٿيندو اٿس. ننڍڙي ۽ سنهڙي قد ڪاٺ سبب به  اڪثر ماڻهون ان ڌوڪي ۾ اچي ويندا آهن ته  هي ڪا خطرناڪ زهريلي بلا نه آهي.

ٻين بلائن جي ڏنگ ۽ زهر کان به هن جي ڏنگ ۽ زهر جو اثر بلڪل مختلف ٿيندو آهي. اڪثر نانگن جي زهر جو اثر ڏنگ کان فورن بعد شروع ٿي ويندو آهي ۽ متاثر ماڻهون شديد تڪليف محسوس ڪرڻ لڳندو آهي مگر پيئڻ بلا جي ڏنگ بعد متاثر فوري طور تي ڪا گهڻي ۽ شديد قسم جي تڪليف محسوس نه ڪندو آهي، هو ائين سمجهندو آهي ته  شايد ڪو مڇر يا ڪو جيت کيس چڪ پائي ويو آهي ۽ پوءِ اها لاپرواهي متاثر ماڻهون جي موت جو سبب بنجي ويندي آهي. پيئڻ بلا جو زهر انسان جي اعصابي نظام تي آهستي آهستي اثر ڪرڻ شروع ڪندو آهي انڪري ڏنگ لڳڻ کان فورن بعد ته  انسان ڪا به تڪليف يا غير معمولي ڳالهھ محسوس نه ڪندو آ پر ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ هوريان هوريان سندس طبيعت متاثر ٿيڻ شروع ٿيندي آهي. پيئڻ بلا جي ڏنگ کان پوءِ پهرين تڪليف انسان جي پيٽ ۾ سور جي ڪيفيت ۾ ظاهر ٿيندي آهي ۽ ان بعد سندس جسم ۾ جي مشڪن ۾ آڪڙ، سختي ۽ جڪڙ محسوس ڪرڻ شروع ڪندو آهي. ان تڪليف ۾ جڏنهن ماڻهون ڊاڪٽرن وٽ پهچندا به آهن ته وري اڪثر ڊاڪٽر به انهن علامتن کي پيٽ جي ڪا بيماري سمجهي ان جو علاج ڪرڻ شروع ڪندا آهن ۽ اهڙيءَ ريت درست تشخيص ۽ فوري علاج نه ٿيڻ ڪري، 6 کان 8 ڪلاڪن تائين يا ڪن حالتن ۾ ته  24 ڪلاڪن ۾ به  متاثر فرد ساھ ٻوساٽجڻ سبب اجل جو شڪار ٿي ويندو آهي.

پيئڻ بلا جي ڏنگ کان متاثر ماڻهن مان 25 کان 35 سيڪڙو ماڻهون ته  بغير ڪنهن علاج جي خود بخود به ٺيڪ ٿي ويندا آهن مگر اهي اهڙي حالت ۾ جڏنهن بلا انساني جسم ۾ زهر جو قليل مقدار داخل ڪيو هجي ۽ متاثر شخص مضبوط جسماني طور تي مضبوط هُجي ٻي صورت ۾ بروقت سڃاڻپ ۽ علاج نه ٿيڻ ڪري متاثر ماڻهن جي زندگي بچي وڃڻ جو امڪان انتهائي گهٽ هوندو آهي.

پيئڻ بلا هروڀرون انسان تي حملو ڪري ڏنگ نه هڻندي آهي پر بي خبري ۾ اگر ماڻهون ان جي گهڻو ويجهو هليو ويندو يان گهمندي ڦرندي ان مٿان لت اچي وئي ته  پوءِ ڏنگ هڻي ڪڍندي آهي.

پيئڻ بلا سياري جو ٻاهر نه  نڪرندي آهي، اپريل کان وٺي آڪٽوبر تائين هي سرگرم رهندي آهي ۽ خاص ڪري برسات جي موسم ۾ سندس سرگرمي ۾ تيزي اچي ويندي آهي. هن جي خوراڪ پاڻ کان ننڍيون بلائون، ڏيڏر، ننڍڙا ڪوئا ۽ ٻيا ريهڙيون پائي هلندڙ جيت هوندا آهن. هي ڏينهن جو نه نڪرندي آهي صرف رات جو ئي خوراڪ حاصل ڪرڻ لاءِ نڪرندي آهي.

بهرحال سياڻن جو چوڻ آهي ته  "علاج کان احتياط بهتر هوندو آهي”.، تنهنڪري اوهان به ڪوشش ڪري پيئڻ بلا سميت هر قسم جي نانگ جي چڪ کان بچڻ جي ڪوشش ڪريو.

Source From : https://www.facebook.com/%D8%B3%D9%86%DA%8C-%D8%AC%D9%8A-%D9%BE%DA%A9%D9%8A%D9%86-%D8%AC%D8%A7-%D9%82%D8%B3%D9%85-280586872608932/

Leave A Reply

Your email address will not be published.