جهڏو ۾ تڙپي تڙپي موت جي منهن ۾ ويندڙ زندگيون بچايون وڃن.

ڏٺو وڃي ته هونئن سڄي سنڌ ۾ صحت کاتي جي حالت ڪا بهتر ناهي، پر صحت کاتي ميرپورخاص انتظاميـا جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب جھڏو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪاري ڪامڻ وارو مرض تيزي سان وڌي رهيو آهي، پر ان تي ضابطو نٿو آندو وڃي، صحت مرڪز جھڏو سميت سڄي تعلقي ۾ ڪٿي به هيپاٽائٽس مرض جي سڃاڻپ ۽ بچاءَ لاءِ ڪا ليبارٽري يا ڪنٽرول سينٽر باقائدگي سان قائم ٿي نه سگھيا آهن، ڪاري ڪامڻ سبب هڪ سال اندر 70 مان 100 انساني جانيون موت جو کاڄ بڻجي وڃن ٿيون، سوَنَ  جي انگ ۾ ڪاري ڪامڻ ۽ هيپاٽائٽس جي مرض ۾ مبتلا مريض علاج نه ٿيڻ جي ڪري موت جو کاڄ بڻجڻ جي خوف سبب مايوسي جو شڪار بڻيل آهن.
صحت جي عالمي ادارن جي تعاون سان سڄي سنڌ ۾ ڪاري ڪامڻ ۽ هيپاٽائٽس مرض تي ڪنٽرول ۽ بچاءَ لاءِ شروع ڪيل مهم پڻ صحت کاتي جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب جھڏو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ مڪمل طور ناڪام بڻيل آهي، جھڏو شهر ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ بدين ضلعن کي ملائيندڙ مرڪزي ۽ سرحدي شهر آهي،
جتي ڄاڻايل ضلعن جا ماڻهو وڏي انگ ۾ علاج جي سهولت حاصل ڪرڻ لاءِ اچن ٿا، پر علاج نه ٿيڻ ڪري هو رورل هيلٿ سينٽر جهڏو توڙي نجي اسپتالن ۾ بي يارو مددگار بڻيل هجن ٿا.
اڍائي کان ٽي لک جي لڳ ڀڳ آبادي واري تعلقي جهڏي سان اٽڪل 90 سيڪڙو ماڻهو ٻهراڙي ۽ ڳوٺن وارن علائقن سان تعلق رکن ٿا، جيڪي اڪثر ڪري غريب، مزدور ۽ پورهيت طبقي سان تعلق رکندڙ آهن، صحت جي بهتر سهولت نه هجڻ ڪري مسڪين ماڻهن جو صحيح علاج نٿو ٿئي ۽ اهي تڙپي تڙپي موت جي ورچڙهي وڃن ٿا، ڪاري ڪامڻ ۽ هيپاٽائيٽس ۾ وڌ کان وڌ اهي ئي ڳوٺاڻا ماڻهو مبتلا هجن ٿا، جن جي بچاءَ لاءِ حڪومت ڪي به قدم نٿي کڻي.
هيپاٽائيٽس غير معياري پاڻي، کاڌ، خوراڪ ۽ غلط علاج جي ڪري ڦهلجي رهيو آهي، جنهن تي هتان جي سڄاڻ ماڻهن ڊاڪٽر سريش ڪمار، ڊاڪٽر انور ميمڻ، اياز کوسو،  ڪامريڊ عمران کوسو، آغا غلام رسول پٺاڻ، ۽ ٻين ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ سندن چوڻ آهي ته هيپاٽائيٽس مرض ڦهلجڻ ۽ وڌڻ جو سبب جگر ۾ خرابي ٿيڻ ۽ جگر جو صحيح ڪم نه ڪرڻ آهي،
هتي جيڪو پاڻي واپرايو وڃي ٿو ان ۾ تمام گھڻو سنکيو ۽ ٻيا خطرناڪ زهريلا جراثيم شامل هوندا آهن ۽ شهري علائقن ۾ ته گٽرن وارو گندو مڪس ٿيل پاڻي واٽر سپلاءِ ذريعي شهرين کي پيئڻ لاءِ فراهم ڪيو وڃي ٿو، عطائي ڊاڪٽرن پاران هڪ انجيڪشن جو باربار استعمال اهو ئي سبب آهي ته هيپاٽائيٽس وارو مرض تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي.
جهڏو شهر جي ماڻهن جي گهر آهي ته هيپاٽائيٽس واري مرض کان بچاءَ لاءِ فوري طور تي جوڳا اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن انساني زندگيون تڙپي تڙپي موت جي منهن ۾ وڃڻ کان بچي سگهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.