سگريٽ ڇِڪيندڙن ۽ شراب پيئندڙن ۾ خطرناڪ مرض عام ٿيڻ لڳو!

فلاڊيلفيا (ويب ڊيسڪ) ماهرن خبردار ڪيو آهي ته سگريٽ ۽ شراب پيئڻ سان هڏن جي ڪمزوري، جوڙن جي سور جهڙا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.

ڊاڪٽرن چيو آهي ته سگريٽ ڇڪڻ سان جسم جو فطري دفاعي نظام اوسٽيوڪلاسٽ نالي خلين (سيلز) کي اهڙيءَ ريت تبديل ڪندو آهي ۽ پوءِ هڏا ڳارڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيندا آهن.

سگريٽ ڇڪڻ  سان خلين ۾ موجود توانائي گھرمائٽوڪونڊريا خاص سگنل خارج ڪندو آهي جنهن سان اوسٽيوڪلاسٽ جو ڪم مٽجي ويندو آهي.

فلاڊيلفيا ۾ موجود يونيورسٽي آف پينسلوانيا ۽ نيويارڪ ۾ موجود مائونٽ سينائي اسڪول آف ميڊيسن جي سائنسدانن ان تي گڏيل تحقيق ڪئي آهي جنهن جا تفصيل ايف اي ايس اِي بي نالي جرنل ۾ ڇپيل آهن.

ماهرن ثابت ڪيو آهي ته سگريٽ ۽ شراب پيئڻ سان خلوي سطح تي مائٽوڪونڊريا متاثر ٿيندو آهي. ان کان پوءِ اهو خاص اسٽريس سگنل خارج ڪندو آهي ۽ ائين اسٽيوڪلاسٽ جي ضرورت کان وڌيڪ پيداوار شروع ٿي ويندي آهي. نه رڳو سگريٽ ۽ شراب پيئڻ پر ڪجهه دوائن ۽ انهن جي سائيڊ افيڪٽس سان به مائٽوڪونڊريا متاثر ٿيندو آهي ۽ اهو هڏن جي ڀرڻ ۽ ڪمزوري جو سبب بڻجي سگھي ٿو.

پينسلوانيا يونيورسٽي جي پروفيسر نارائن جي اوڌاني ۽ سندس ساٿين تجربي واري هنڌ ڪوئن تي ان جي ڪيترا تجربا ڪيا آهن. هن جو چوڻ آهي ته اسٽيوپوروسس جي ۾ هڏن جي سختي گھٽ ٿي ويندي آهي ۽ اهي ٺوس ناهن رهندا ۽ هوريا هوريان اهي ڪمزور ٿي ويندا آهن ۽ ٽٽڻ فٽڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي. رڳو آمريڪا ۽ يورپ ۾ ساڍا ست ڪروڙ ماڻهو ان مرض جو شڪار آهن ۽ هر سال 90 لک ماڻهو ان ڪيفيت ۾ هڏن جي ٽٽڻ ۽ فريڪچر جو شڪار ٿي ويندا آهن.

ماهرن موجب سگريٽ ۽ شراب پيئڻ سان مائٽوڪونڊريا جي سطح تي هڪ پيچيده عمل شروع ٿي ويندو آهي ۽ ائين اوسٽيوڪلاسٽ ٺهڻ شروع ٿي ويندو آهي ۽ هڏا ڳرڻ شروع ٿي ويندا آهن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته سُٺي کاڌي خوراڪ ۽ صحتمند طرز زندگي سان گڏ سگريٽ ڇڪيندڙن ۽ شراب پيئندڙن ۾ جوڙن جو مرض عام ٿيندو پيو وڃي، چيلهه ۽ ٻين جاين تي سور پوڻ جا ڪيترائي واقعا عام ٿي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.