ويهه سيڪنڊن ۾ رت بند ڪندڙ کنئور!

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) رت جي رڳن کي ترت بند ڪرڻ ضروري هوندو آهي ۽ اهڙيءَ ريت دل جو آپريشن مثال طور باءِ پاس دوران تيزي سان وهندڙ رت کي به روڪڻ ضروري هوندو آهي. هاڻي ان لاءِ هڪ انوکي کنئور ٺاهي وئي آهي جيڪا رڳو 20 سيڪنڊن ۾ زخم تي هائيڊروجل جي صورت اختيار ڪري رت جو وهڪرو بند ڪري ڇڏيندي آهي.

چيني ماهرن اها اهم حياتياتي کنئور ٺاهي آهي ۽ ڪنهن به ترڪندڙ سطح تي ان کي لڳايو وڃي ۽ ان تي الٽراوائلٽ روشني وڌي وڃي ته اها ڄمي هائڊروجل ۾ تبديل ٿي ويندي آهي ايتري تائين جو ان کي ڌڙڪندڙ دل جي پٺن تي به استمال ڪري سگھجي ٿو.

چين جي چي جيانگ يونيورسٽي جي پروفيسر هونگ وي اويانگ ۽ هن جي ساٿين في الحال ان کي سيهڙن ۽ خنزيرن تي آزمايو آهي ۽ روايتي علاج کان بهتر سمجهو آهي.

ماهرن ان جي ڪري اڌ منٽ ۾ جيري جو زخم ڀرڻ جو ڪامياب مظاهرو ڪيو آهي. ٻئي تجربي ۾ ان کي خنزير جي دل ۾ 6 ملي ميٽر  قطر جي سوراخ کي ان وقت ڀرڻ جو ڪامياب تجربي ۾ استعمال ڪيو جڏهن ته بلڊ پريشر به هو ۽ رت تيزي سان ٻاهر نڪري رهي هئي. کنئور لڳائيندي ئي زخم ڀرجي ويا ۽ ڪنهن ناڪاري اثر کان سواءِ 20 سيڪنڊن ۾ رت جو وهڪرو مڪمل طور بند ٿي ويو.

جڏهن کنئور کي سيهڙ تي آزمايو ويو ته ان سان جيري جو زخم ۽ ڪٽيل شريانيون کي ڪجهه سيڪنڊن ۾ ڪاميابي سان بند ڪيو ويو. بس ائين ڪرڻو پوندو آهي جو  زخم تي کنئور هارڻ کان پوءِ ان تي الٽراوائلٽ روشني وڌي وڃي ۽ ان کان پوءِ اها هڪ مضبوط پٽِ جيان سخت ٿي ويندي آهي.

معمولي تبديلي سان اهو 290 ايم ايم ايڇ جو بلڊ پريشر به برداشت ڪري سگھي ٿو ڀلي اها رڳ هجي، شريانيون هجن يا دل جي اندروني يا ٻاهرين ڀت ڇو نه هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.