رپورٽ:ملير: صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ پاران لانڍي سوشل سيڪيورٽي اسپتال جو دورو

 

عوامي آواز رپورٽ
ملير: صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ پاران لانڍي سوشل سيڪيورٽي اسپتال جو دورو
عوامي آواز رپورٽملير: صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ پاران لانڍي سوشل سيڪيورٽي اسپتال جو دورو

پورهئي واري صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ لانڍي سوشل سيڪيورٽي اسپتال جو اوچتو دورو ڪيو.

صوبائي وزير اسپتال جي آءِ سي يو، ٻارڙن واري  وارڊ سميت مختلف وارڊن جو دورو ڪيو ۽ صفائي سٿرائي جو جائزو ورتو.

پورهئي واري صوبائي وزير  ميڊيڪل سپريٽينڊنٽ کي هدايت ڪئي تھ فوري طور تي درين کي ڄاريون لڳايون وڃن.

هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير جي خاص هدايتن تي صحت ۽ تعليم جا زاص انتظام ڪري رهيا آهيون.

سندس چوڻ هو تھ پورهيت مريضن جي علاج ۾ غفلت برداشت نه ڪنداسين………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.