رپورٽ: شڪارپور: قومي ھيرو شھيد الله بخش سومرو جي 76ھين ورسي ملهائي وئي

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: شڪارپور: قومي ھيرو شھيد الله بخش سومرو جي 76ھين ورسي ملهائي وئي
عوامي آواز رپورٽرپورٽ: شڪارپور: قومي ھيرو شھيد الله بخش سومرو جي 76ھين ورسي ملهائي وئي

 

 

شڪارپور ۾ سنڌ جي مهان ھستي ۽ قومي ھيرو شھيد الله بخش سومرو جي 76ھين ورسي ملهائي وئي.

رواداري تحريڪ سنڌ ۽ جيئي سنڌ محاذ پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍي شھيد الله بخش سومرو جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد گلن جي چادر چاڙھي، قومي گيت ڳائي ڀيٽا ڏني وئي.

ان موقعي تي ڪارڪنن ۽ سماجي اڳواڻن ديدار ميراڻي، پنھل ساريو، زبير سومرو، عدلاجبار ڀٽي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شھيد الله بخش سومرو ھڪ بھادر شخص ھو جنھن سنڌ دشمن قوتن سان مھاڏو اٽڪائي سنڌ سان سچائي ۽ محبت جو ثبوت ڏنو.

سندن چوڻ هو ته ھن کي قومي دشمن قوتن سنڌ سان پيار ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ئي شھيد ڪيو ھو پر ھو اڄ ۽ ھميشه اسان جي دلين ۾ زنده ھوندو ۽ سندس سنڌ لاء ڪيل خدمتون وسارڻ جوڳيون ناھن،

ھنن وڌيڪ چيو ته الله بخش سومرو نہ فقط شڪارپور پر ھو سڄي سنڌ جي غريب طبقي جي ماڻھن جي بھتري لاء جاکوڙيندڙ ڪردار ھو، جنھن کي ھميشہ ياد رکيو ويندو………………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.