ٻار ڪنهن کي پيارا ناهن هوندا؟ هفتي ۾ ٽي ڀيرا ٻارن کي ضرور ڏيڻ واري خوراڪ

ميڊرڊ (ويب ڊيسڪ) اسپين ۾ ڪيل هڪ مطالعي مان انڪشاف ٿيو آهي ته ڳورهاري عورت حمل جي شروعات ڏينهن ۾ جيڪڏهن خشڪ ميوا مثال بادام، پستا ۽ اخروٽ  کائي ته ان سان ٻار جي ذهانت (آءِ ڪيو) ۾ واڌ ٿي سگھي ٿي.

ان سروي مان انڪشاف ٿيو آهي ته ڳورهاري جيڪڏهن هفتي ۾ به کان ٽئي اونس خشڪ ميوا کائي ته سندس جي ٻار جو آءِ ڪيو بهتر ٿيندو .

ان کان اڳ به خشڪ ميون جا گھڻا فائدا سامهون آيا آهن جيڪي شگر، دل جي مرض ۽ بلڊ پريشر وغيره کان محفوظ رکڻ ۾ مدد فراهم ڪندا آهن. ڪجهه مطالعن مان اها به خبر پئي آهي ته جيڪڏهن پوڙهائپ ۾ ذهني ڪمزوري کان بچڻو آهي تڏهن به بادام پستا ۽ اخروٽ جو استعمال فائديمند ثابت ٿيندو آهي. پر هاڻي ان ميون جي ماءَ ۽ ٻار تي بهتر اثر شامهون آيا آهن.

بارسلونا اسٽيٽيوٽ آف گلوبل هيلٿ جي جي جورڊي هلويز ۽ سندس ساٿين 2208 عورتن ۽ هنن جي ٻارن جو 8 سالن تائين مطالعو ڪيو ۽ انهن ۾ خوراڪ، ذهانت ۽ حمل دوران ماءِ جي عادتن کي نوٽ ڪيو ويو. پوءِ پيدا ٿيندڙ ٻارن جو ڏيڍ سال، 5 سال ۽ 8 سال جي عمر ۾ ذهني صلاحيت جو جائزو به ورتو ويو.

ان سروي مان خبر پئي ته جن ٻارن جي ماءُ خشڪ ميون جو استعمال ڪيو هو اهي نظر انداز ڪندڙ مائرن جي ٻارن جي ڀيٽ گھڻا ذهين آهن. پر ان سموري سروي ۾ ماهرن ماءُ جي عمر، تعليم ، معاشي ۽ سماجي حيثيت ۽ سگريٽ ڇڪڻ وغيرهه کي به شامل ڪيو ۽ ان جي ناڪاري اثرن کي به ڌار ڪري ڏٺو.

ماهرن ڏٺو ته جن ٻارن جي مائرن شروعاتي ڏينهن ۾ 75 گرام خشڪ ميوا کاڌا هئا انهن جي ٻارن ۾ توجه، آءِ ڪيو ۾ بهتري ڏٺي وئي. ماهرن ان جو سبب اوميگا ٿري فيٽي ايسڊ کي قرار ڏنو آهي جيڪي ماءُ جي خوراڪ مان ٻار جي وجود جو حصو بڻجي وينديون آهن ۽ ائين ٻار جي دماغي ذهانت ۾ واڌ ٿيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.