قانوني رنڊڪون ختم ٿيندي ئي مريم نواز سياست ۾ حصو وٺندي: مسلم ليگ ن اڳواڻ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ پرويز رشيد چيو آهي ته عدالتي فيصلي سبب مريم نواز چونڊ نه وڙهي سگهي، قانوني پيچيدگيون ختم ٿيندي ئي مريم نواز چونڊ سياست ۾ حصو وٺندي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته قانوني پيچيدگيون ختم ٿيندي ئي مريم نواز چونڊ سياست ۾ حصو وٺندي. هن چيو ته عدالتي فيصلي سبب مريم نواز چونڊ نه ٿي وڙهي سگهي. سندس چوڻ هو ته اسان کي قانوني پيچيدگيون ختم ٿيڻ جو انتظار آهي، مريم نواز سياسي ڪارڪن آهي، سياسي ميدان ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي آهي، چونڊن ۾ حصو وٺڻ سياست جو حصو آهي. پرويز رشيد چيو ته گذريل چونڊن ۾ پارٽي مريم نواز کي هڪ تڪ مان اميدوار نامزد ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.