تلهار: گوادر جي پي سي هوٽل ۾شهيد سيڪيورٽي اهلڪار اباڻي قبرستان ۾مٽيءَ ماءُ حوالي

تلهار ( رپورٽ : رستم ڪهيري ) گوادر جي پي سي هوٽل ۾  دهشتگردن  سان مهاڏو اٽڪائي شهادت جو جام پيئندڙ بهادر نوجوانن جا مڙهه سوين آلين اکين سان  تلهار ويجهو اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا .

 دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪائي شهادت ماڻيندڙ  تلھار واسي ڳڀرو جوانن شھيد بلاول ۽ شھيد ظھور لاشاري جا مڙھ رات دير سان ايمبولينس ذريعي   سندن اباڻي ڳوٺ حاجي خان لاشاري آندا ويا.

شهيدن جي جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي جڏهن ته ان  موقعي ماحول سوڳوار رهيو

 ايس ايس پي بدين ۽ ڊي ايس پي  شھيدن جي مڙھ تي گلن جي چادر چاڙھي ، رات دير سان سوين آلين اکين سان شھيدن کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو.

ٻئي طرف شهيدن جي تڏي تي  سندن وارثن سان همدردي لاءِ ماڻهن جي آمد جو سلسلو جاري آهي پر هن وقت تائين ڪو به حڪومتي نمائندو نه پهتو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.