اڳوڻو صدر آصف علي زرداري 16 مئي تي ٻيهر نيب ۾ طلب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي 16 مئي تي طلب ڪيو آهي.  نيب ذريعن موجب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي  هريش اينڊ ڪمپني ڪيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي.  ذريعن موجب هريش اينڊ ڪمپني پارڪ لين ڪمپني جي فرنٽ ڪمپني آهي هريش اينڊ ڪمپني سنڌ حڪومت کان واٽر سپلاءِ جو ٺيڪو حاصل ڪيو. نيب ذريعن موجب سنڌ ۾ واٽر سپلاءِ جي رٿا تي ڪم نه ڪيو ويو، هريش اينڊ ڪمپني جي اڪائونٽ مان نئون ديرو هائوس تي خرچ ڪيو ويو.  ذريعن موجب آصف زرداري کي گذريل هفتي به هريش اينڊ ڪمپني ڪيس ۾ طلب ڪيو ويو هو.  اڳوڻي صدر احتساب عدالت ۾ پيشي ۽ ٻين مصروفيتن سبب 15 ڏينهن جو وقت طلب ڪيو هو.  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ورتل ضمانت 15 مئي تي ختم ٿي رهي آهي. ٻئي طرف نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ضمانت واري درخواست تي جواب به تيار ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.