سنڌ يونيورسٽي ۾شاگرياڻين کي جنسي هراسان ڪرڻ واري معاملي جي جاچ شروع نه ٿي، وي سي پاران پروفيسر کي بچائڻ لاءِ جتن

ڄامشورو (ڊ ر)سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف پلانٽ سائنس جي ڊائريڪٽر پاران پروفيسر تي شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ وي سي پنهنجي حريف اظهر علي شاهه جي ويجهي ساٿي ڊاڪٽر جبار پيرزادي کي بچائڻ لاءِ هڪ ٻئي نئين سينڊيڪيٽ جي ميمبرن تي ٻڌل 3 رڪني ڪاميٽي جوڙي ورتي آهي، يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف پلانٽ سائنس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رابيعه اسما ميمڻ پاران پنج ڏينهن اڳ وي سي کي ليٽر لکي آگاهي ڏني وئي هئي ته يونيورسٽي جو پروفيسر عبدالجبار پيرزادو شاگردياڻين کي جنسي طور هراسان ڪري ٿو، سندس خلاف هيڪ جي پاليسي، يونيورسٽي جي ڪوڊ ۽ حراسمينٽ ايٽ ورڪ پليس قانون تحت ڪارروائي ڪئي وڃي، الزامن جي جاچ لاءِ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالجبار پيرزادو کي بچائڻ لاءِ يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ ميمبرن تي مشتمل 3 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي يونيورسٽي جي رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو ٻڌايو ته وائيس چانسلر جي هدايتن تي ڪاميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جيڪا ڊاڪٽر رابيعه ميمڻ جي وي سي ڏانهن لکيل خط جي جاچ ڪندي، ڪميٽي جو ڪنوينر سنڌ يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف لا جو ڊين ۽ سينيڊيڪيٽ ميمبر ايڊووڪيٽ جهمٽ جيٺانند هوندو، جڏهن ته ميمبرن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو رٽائرڊ جج ۽ سينڊيڪيٽ ميمبر رٽائرڊ جسٽس علي سائين ڏنو ميتلو، مهراڻ يونيورسٽي جو اڳوڻو وي سي ۽ سنڌ يونيورسٽي سينڊيڪيٽ جو ميمبر ڊاڪٽر عبدالاحد ابڙو شامل آهن. سنڌ يونيورسٽي پاران هراسمينٽ جي معاملي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪاميٽي ۾ ڪا به عورت ميمبر شامل ناهي ڪئي وئي، ٻئي طرف يونيورسٽي جي اينٽي هراسمينٽ ڪميٽي به انهي درخواست تي اڃان تائين جاچ شروع ئي ناهي ڪئي ، ڪاميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر نسيم اي چنا ٻڌايو ته يونيورسٽي ۾ پيپرن جي ڪري تمام گهڻي مصروف آهيان، ڇاڪاڻ جو ڪاميٽي جي چيئرمين کانسواءِ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف بائيوڪيمسٽري جي ڊائريڪٽر پڻ آهيان، انهي ڪري سومر يا اڱاري تي ڪاميٽي ميمبرن جي گڏجاڻي ڪوٺائينديس، هن وقت مان ان حوالي سان ڪجهه نه ٿي ٻڌائي سگهان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.