رپورٽ: : نوشهروفيروز: چيف جسٽس جي نوٽيس بعد صحت وارو سيڪريٽري سول اسپتال پهتو

عوامي آواز رپورٽ
نوشهروفيروز: چيف جسٽس جي نوٽيس بعد صحت وارو سيڪريٽري سول اسپتال پهتو
عوامي آواز رپورٽنوشهروفيروز: چيف جسٽس جي نوٽيس بعد صحت وارو سيڪريٽري سول اسپتال پهتو

 

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پاران نوشهروفيروز سول اسپتال جي بيقاعدگين ۽ بدعنوانين جو نوٽس وٺڻ بعد صحت  جاڳي پيو.

صوبائي سيڪريٽري سعيد احمد اعواڻ اوچتو سول اسپتال نوشهروفيروز پهچي ويو جتي هن آءِ سي يو، ايمرجنسي وارڊ ۽ ٻين شعبن سان گڏوگڏ دوائن جي اسٽور جو پڻ معائنو ڪيو، جنهن دوران اسٽور ۾ موجود دوائون ته وڏي تعداد ۾ موجود هيون پر اُتي مڪمل طور اوندهه ۽ بجلي بند هئي ۽ دوائن کي فريزر ڪرڻ لاءِ ڪو به جوڳو بندوبست ٿيل نه هو.

 صوبائي سيڪريٽري سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسٽور ڪيپر خلاف جلد ڪارروائي جو حڪم ڏيڻ سان گڏ اسپتال جي احاطي ۾ هلندڙ سمورا اسٽور بند ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو.

سيڪريٽري هيلٿ سعيد احمد اعواڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي نظر ۾ ڪا ته اهڙي شيءِ آئي هوندي جنهن جي ڪري چيف جسٽس  کي نوٽيس وٺڻو پيو.

 هن چيو ته ايم ايس ۽ ڊي ايڇ او وارو تڪرار ختم ٿي ويو آهي پيراميڊيڪل اسٽاف قائدي ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڪم ڪري.

ڊاڪٽرن جي کوٽ بابت هن چيو ته 1783 نوان ڊاڪٽر ڀرتي ڪرڻ لاءِ پبلڪ سروس ڪميشن کي لکيو آهي ۽ ضلعي نوشهروفيروز جي ڊوميسائل هولڊرن کي سول اسپتال ڏانهن موڪليو ويندو.

ياد رهي تھ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس احمد علي شيخ عوامي آواز اخبار ۾ نشر ٿيل خبر تي نوٽيس وٺندي نوشهري فيروز اسپتال جو رڪارڊ طلب ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.