حڪومت وڌيڪ 11 تنظيمن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عمل کي وڌيڪ تيز ڪندي ڪالعدم تنظيمن جي مددگار جماعتن تي به پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

گهرو وزرات نيشنل ايڪشن پلان تحت ڪالعدم تنظيمن سان سهڪار ڪندڙ تنظيمن تي به پابندي لاڳو ڪئي آهي، جن ۾ الانفال ٽرسٽ لاهور، ادارا خدمت خلق لاهور، الدعوه الرشاد لاهور، الحمد ٽرسٽ لاهور فيصل آباد، الفضل فائونڊيشن/ٽرسٽ لاهور، موسڪ اينڊ ويلفيئر ٽرسٽ لاهور، المدينه فائونڊيش لاهور، معاذ بن جبل ايجوڪيشن ٽرسٽ لاهور، الايثار فائونڊيشن لاهور، الرحمت ٽرسٽ آرگنائزيشن بهاولپور ۽ الفرقان ٽرسٽ ڪراچي شامل آهن، انهن تنظيمن تي جماعت الدعوه، فلاح انسانيت فائونڊيشن ۽ جيش محمد سان واسطي ۽ مدد جو الزام آهي.

هلندڙ سال فيبروري ۾ پاڪستان حڪومت جماعت الدعوه ۽ ان سان لاڳاپيل تنظيم فلاح انسانيت فائونڊيشن تي پابندي لاڳو ڪئي هئي، جڏهن ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل هلندڙ مهيني ڪالعدم تنظيم جيش محمد جي سربراهه مسعود اظهر جو نالو عالمي دهشتگردن جي فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.

عالمي اداري فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) طرفان پاڪستان تي دهشتگردي جي مالي مدد روڪڻ ۽ مني لانڊرنگ جي خاتمي لاءِ سخت دٻاءُ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت ڪيترائي قدم کنيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.