وزيراعظم آءِ ايم ايف ٺاهه جو مسودو رد ڪري ڇڏيو، نرمي جي خواهش

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان  ۽ آءِ ايم آيف ۾ ٺاهه کي قطعي شڪل نه ملي سگهي وزير اعظم شرطن ۾ نرمي جي خواهش ڏيکاريندي طئي ٿيل ٺاهه رد ڪري ڇڏيو آهي.  گذريل ڏينهن آءِ ايم ايف ۽ ناڻي وزارت عملي جي سطح تائين ٺاهه جو مسودو طئي ڪري چڪا هئا پر وزير اعظم  ناڻي واڌ جي شرح ۾ نرمي جي خواهش ڏيکاري. وزير اعظم ٽئڪس هدف به گهٽ ڪرڻ جو چيو. ذريعن موجب آءِ ايم ايف وڌيڪ نرمي لاءِ تيار ناهي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ قرض جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي. کنڊ تي جي ايس ٽي وڌائڻ،گيس تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ اليڪٽرانڪس ۽ فوم جي صنعت تي به سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جي ايس ٽي شرح به 17 کان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. آءِ ايم ايف ۽ پاڪستاني اختيارين ۾ ٽن ورهين جي قرض پروگرام تي ڳالهيون ٿيون. آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ ايندڙ مالي سال جي جي ڊي پي جي مقابلي ۾ ٽيڪس جي شرح 11.7 سيڪڙو کان وڌائي 13.2 سيڪڙو ڪرڻ ۽ سڌي ريت ٽيڪسن جو ڪاٿو 1619 ارب رپين کان وڌائي 1904 ارب رپيا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي طرف حڪومت آءِ ايم ايف کي 750 ارب رپين جو ورڪنگ پلان پيش ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان کي آءِ ايم ايف 7 کان 8 ارب ڊالر قرض ڏيندو. پروگرام تحت پهرين جولاءِ کان بجلي مهانگي ٿيندي. بجلي اگهن ۾ واڌ ٻن مرحلن ۾ ٿيندي. گيس جا اگهه ٻئي مرحلي ۾ واڌايا ويندا. گهاٽي ۾ هلندڙ ادارا خانگايا ويندا. اسٽيٽ بئنڪ کي خودمختيار بڻايو ويندو. هوڏانهن روينيو واري وزير حماد اطهر چيو ته آءِ ايم ايف سان اڳڀرائي ٿي آهي.0330

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.