پاڪستاني يوٽيوبرز جو عروج يا زوال؟

ورثا پيرزادو

Zaid Ali

پاڪستان ۾ يوٽيوب تي وڊيوز ٺاهڻ جو سلسلو زيد علي شروع ڪيو جيڪو هن وقت يوٽيوب تي مزاحيه وڊيوز ٺاهڻ لاءِ مشهور آهي.ان کان پوءِ ڪيترائي ٻيا يوٽيوبرز آيا جنهن ۾ مورو، عرفان جوڻيجو، ڊڪي ڀائي،شام ادريس،رضا سمو، شاهوير جعفري،شاهمير عباس ڪامياب ٿيا.

هن وقت پاڪستان ۾ يوٽيوب تي وڊيوز ٺاهڻ آسان ڪم ٿي ويو آهي، ڪيترائي نوان يوٽيوبرز سامهون آيا، پر ڪامياب صرف اهي ٿيا، جن جو مضمون ۽ عنوان ماڻهن کي دل سان لڳو.

عورتن ۾ سناز بڪيٽ نالي سان اڪاونٽ ٺاهيندر عورت ڪامياب ٿي آهي، جنهن هن وقت تائين پنهنجو چهرو ناهي ڏيکاريو ،پر بهترين وڊيوز ٺاهڻ جي ڪري سندس سبسڪرائبرس لکن جي تعداد ۾ آهن.

هن وقت پاڪستاني يوٽيوبرز جو پاڻ ۾ جهيڙو هلي رهيو آهي جنهن جي ڪري نئون مواد گهٽ نظر ٿو اچي ۽ مزاحيه وڊيوز نه هجڻ ڪري سندن سبسڪرائبرز گهٽ ٿي ويا آهن.

جن کي جهيڙي جي ڄاڻ ناهي انهن کي ٻڌائيندي هلان ! شام ادريس جيڪو ڪينيڊا رهندو آهي، پاڻ کي پاڪستاني يوٽيوبر سڏائيندو آهي پر هڪ ٽوئيٽ ۾ هن پاڪستاني يوٽيوبرس کي ”ننڌا يوٽيوبرز“ ڪري سڏيو ان تي تقريبا سڀ پاڪستاني يوٽيوبرز ڪاوڙجي ويا ۽ رد عمل تي ”ڊڪي ڀائي“ هن جي خلاف هڪ مزاحيه وڊيو ٺاهي جيڪا ڪافي عرصو ٽريڊنگ تي رهي.

شام ادريس کي وڊيو پسند نه آئي ۽ هن سندس يوٽيوب سميت سڀني اڪائونٽس جي شڪايت ڪئي، جنهن تي هن جا سڀ اڪائونٽ بند ٿي ويا ۽ هن جي محنت ضائع ٿي وئي، ڇو جو هن اڳي ئي ڪامياب وڊيوز ٺاهيون، جن کي يوٽيوب جي زبان ۾ Roasting videos  چيو ويندو آهي.پوءِ ”ڊڪي ڀائي“ ڪاوڙ ۾ اچي هڪ کان پوءِ ٻي وڊيو ٺاهي، جيڪا شام ادريس جي خلاف هئي.ٻنهي جو جهيڙوذاتي ٿي ويو ۽ ٻه ڌر ٺهي ويا هڪڙا شام ادريس جي پاسي ٻيا ڊڪي ڀائي جي پاسي ٿي ويا.

ڪجهه عرصو سڪون رهيو پوءِ هڪ مهينو اڳ شام ادريس پاڪستان آيو ۽ ڊڪي ڀائي سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين ته جيئن ”صلح“ ٿي وڃي، پر سندس طريقو غلط هيو.هڪ دوست ٻنهي جو رابطو فون تي ڪرايو.شام ادريس ان ڪال کي رڪارڊ ڪيو ۽ پنهنجي وڊيو ۾ بنا اجازت استعمال ڪيو،
وڊيو جو عنوان لکيو ”I finally spoke to Ducky bhai“ ، ڊڪي ڀائي جڏهن هي وڊيو ڏٺي ته تڪڙ ۾ هڪ وڊيو ٺاهي ورتي،  جنهن ۾ ٻڌايائين ته ڪنهن جو ذاتي ميسيج سوشل ميڊيا تي بنا اجازت ناهي وجهبو، ان تان جهيڙو اڃا وڌي ويو.

پوءِ زيد علي،مورو ۽ رضا سمو شام ادريس جي خلاف وڊيوز ٺاهيون، ان جهيڙي جون وڊيوز گذريل هفتي کان ٽريڊنگ تي رهيون، آخر ۾ تمام يوٽيوبرز اهو پيغام ڏنو ته جهيڙي کي ختم ڪري مواد تي توجه ڏيڻ گهرجي نه ته عروج مان زوال ٿيڻ ۾ دير نه رهندي جيڪا ڳالهه درست آهي.

رضا سمو جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي اڪائونٽ مان اهي تمام وڊيوز ڊليٽ ڪندو جيڪي ان جهيڙي سان تعلق ٿيون رکن.

زيد علي چيو ته جيئن شام ادريس ڊڪي ڀائي کان معافي وٺي ته سڀ معاملا ختم ٿي ويندا.

مورو پنهنجي وڊيو ۾ شام ادريس جي متعلق ڪجهه حقيقتون ظاهر ڪيون .

شام ادريس هڪ وڊيو ٺاهي جنهن ۾ چيائين ته سڀ پاڪستاني يوٽيوبرز هن خلاف سازش ڪري رهيا آهن.

انهن تمام يوٽيوبرز جون وڊيوز ٽريڊنگ تي رهيون،  جنهن تي ڪجهه ماڻهن جو چوڻ هو ته اهو سڀ ويوز وڌائڻ لاءِ ڪري رهيا آهن.

بحرحال ان سڄي معاملي جو نتيجو اهو نڪتو ته سندن پرستار گهٽ ٿي ويا ۽ ٻين يوٽيوبرز کي فالو ڪرڻ ۾ شروع ٿي ويا.

ان لاءِ پاڪستاني يوٽيوبرز کي گهرجي ته پاڻ ۾ ٻڌي ڪري يوٽيوب تي ڪامياب ٿين.

هر ڪنهن پاڪستاني يوٽيوبر جو مضمون ٻي کان مختلف آهي، ان لاءِ جيئن هو صرف مضمون تي توجه ڏين ته بهترين وڊيوز سامهون اينديون.

شام ادريس ۽ عرفان جوڻيجو بهترين ولوگرز آهن جڏهن ته ڊڪي ڀائي ۽ رضا سمو بهترين Roasting videos  ٺاهيندا آهن،  جيڪي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي زبردست هونديون آهن. اهڙي طرح Sana’s bucket به بهترين Roasting videos  ٺاهيندي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.