ڪائنات جي هڪ وڏي راز تان پردو کڄي ٿو….،

ماريا اسماعيل

فلڪياتي سائنس جي دنيا ۾آسمان، نظام شمسي، سيارن، ستارن جي علم ۽ ڄان بعد جيڪو موضوع هن وقت تائين انسان ذات جي انتهائي تجسس جي لائق پئي رهيو آهي اهو آهي، ڪائنات ۾ بليڪ هول ( ز ) جي موجودگي ۽ ان جي جوڙجڪ ۽ ان جو ڪائنات ۾ ڪم ۽ اهميت.

فلڪياتي سائنسدانن لاءِ بليڪ هول ( ز ) ڪائنات جي جو هڪ پرسرار ڳجهه ان ڪري به رهيو آهي ته ڪجهه سائنسدانن جو خيال آهي ته بليڪ هولز ٻن ڪائناتن جي وچ ۾ هڪ سرنگهه وانگر آهي جنهن مان هڪ شيءِ هڪ ڪائنات کان ٻي ڪائنات ڏنهن وڃي ٿي، بليڪ هول (ز) تونائيءَ جا اڻ کٽ ڀنڊار آهن جيڪي پاڻ منجهه وڌيڪ تونائيءَ کي جنم ڏيڻ لاءِ پنهنجي ڀرسان ايندڙ هر شيءِ کي پاڻ اندر ڇڪي وٺندا آهن.

سائنسدان پهريون ڀيرو ڪائنات جي هڪ وڏي راز بليڪ هول جي پهرين تصوير وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن جيڪو ڏورانهين ڪهڪشان ۾ موجود آهي. هي بليڪ هول 40 ارب ڪلو ميٽر جي حجم جو آهي يعنيٰ زمين کان ٽي سيڪڙو وڏو آهي جڏهن ته سائنسدانن ان کي “اجگر بلا” جو خطاب ڏنو آهي. هي بليڪ هول زمين کان 500 ملين ٽريلين ڪلو ميٽر پري آهي ۽ ان جي تصوير هن سڄي دنيا ۾ ايونٽ هورائزن ٽيلي اسڪوپ (اي ايڇ ٽي) نالي 8 ريڊيو دوربينن جي هڪ نيٽ ورڪ ورتي آهي جنهن جي لاءِ 200 کان وڌيڪ سائنسدانن گڏجي ڪم ڪيو.

سائنس جي دنيا ۾ بليڪ هول کي ٻئي دنيا ۾ وڃڻ جو رستو چيو ويو وڃي ٿو ، ۽ بليڪ هول کي موت جو کوههُ پڻ چوندا آهن، بليڪ هول جو رنگ ڪارو ٿيندو، سائنسدانن جو خيال آهي ته ان ڪاري پردي پويان ڪائنات جي ڪيئي راز لڪل آهن.

هي پهريون ڀيرو آهي جو سائنسدانن ڪنهن بليڪ هول جي تصوير ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن جنهن سان ڪائنات جي هن زار کي سمجهڻ ۾ مدد ملي سگهندي. ايونٽ هورائزن ٽيلي اسڪوپ جي ڊائريڪٽر ۽ هارورڊ يونيورسٽي جي محقق ان باري ۾ ٻڌايو ته بليڪ هول اسان جي ڪائنات جي ڪجهه پراسرار ترين شين مان هڪ آهي ۽ هاڻي ڪائنات جو اهو نظارو ڏسي رهيا آهيون جنهن متعلق اسان مان اڪثر سائنسدانن جو خيال هو ته انسانذات شايد بليڪ هولز کي ڪڏهن به ڏسي نه سگهي. اسان سائنسدانن سميت سموري انسانيت لاءِ اها ڳالهه انتهائي خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته اسان هاڻي بليڪ هول جي تصوير ڪڍي ورتي آهي، جيڪا بلڪل به اسان جي انهيءَ تصور وانگر آهي جيڪو اسان گذريل ستر اسي سالن کان بليڪ هول متعلق جوڙي رکيو هو. پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي نيدرلينڊ جي راڊبوڊ يونيورسٽي جي پروفيسر هينو فليڪي ٻڌايو ته هي بليڪ هول هڪ ڪهڪشان ايم 87 ۾ موجود آهي ۽ اسان جيڪو ڏسي رهيا آهيون اُهو اسان جي سڄي نظام شمسي جي حجم کان به وڏو آهي.

هر انسان جي ذهن ۾ هي بنيادي سوال اچي ٿو ته بليڪ هول جو سڌو سنئون انساني زندگي جي مسقبل تي  ڪهڙي اثرڪندو .سائنس جي حوالي سان ڪائنات متعلق علم جي طلب جهڙوڪر دنيا جي سمورن سائنسدانن کي ان ڳالهه تي مجبور ڪيو آهي ته هو وڌ ۾ وڌ ڪائنات جي ڳجهن تان پردو کڻڻ لاءِ پنهنجي تحقيق ۽ عمل کي جاري رکن. ڪائنات جي ڪنهن به ڳجهه کي سمجهڻ بعد اهو تمام گهڻو مشڪل ٿي پوندو آهي ته ان کي انسان ذات جي ڀلي لاءِ ڪيئن استعمال ڪجي. بليڪ هول جي متعلق معلومات حاصل ڪرڻ ۽ ان جي ڳجهه تان پردو کڻڻ لاءِ تحقيقي ڪم ڪافي عرصي کان جاري هيو.

جڏهن ڪوبه ستارو پنهنجي زندگي جي آخري حصي ۾ هوندو آهي ته هو بليڪ هول ۾ بدلجي ويندو آهي .بليڪ هول گهٽ جگهه تي انتهائي وڌيڪ مادي کي جمع ڪري وٺندو آهي جنهن ڪري ئي ان جي ڪشش وڌيڪ ٿي ويندي آهي، بليڪ هول جي ڪشش وڌڻ ڪري ئي ان جي تيزيءَ ۾ پڻ اضافو ٿي ويندو آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته بليڪ هول ڪائنات جي سڀ کان تيز شيءِ آهي جنهن ۾ بي انتها ڪشش هوندي آهي. جڏهن ته سائنسدانن جو خيال آهي ته اسان جو سج به هڪ بليڪ هول ٺاهي ورتو آهي جيڪو نظام شمسي جي سمورن سيارن کي ڳهي ويندو .پر حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته سائنسدانن موجب بليڪ هول ٺاهڻ سان به زمين ۽ باقي سيارا پنهنجي مدار ۾ بي ضرر نموني چڪر لڳائيندا رهندا. بليڪ هول ٺاهڻ کان پوءِ سج جو حجم انتهائي گهٽ ٿي ويندو ته ان جي گرد هڪ حد تائين ڪشش انتهائي وڌيڪ ٿي ويندي اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪابه شيءِ ان جي حد پار ڪري ويندي ته ان جو واپس اچڻ مڪمن نه هوندو .

ڪائنات جي گهرائي ۾ انسان ويندو ته هن کي ڪائنات جي باري ۾ هي خيال رهندو ته هي شروعات آهي ڪائنات جا وڌيڪ راز اهڙي آهن جنهن کي انسان کي سمجهڻ ضروري آهي ،

ٻئي پاسي قرآن شريف ۾ 1400سال اڳ ان جي باري ۾ پڻ ٻڌايو ويو آهي، الله تعائي سورت نجم ۾ ان تي پوري تفيصلي سان ڳالهيو آهي .الله تعالي ان آيتن ۾ سفر معراج جو ذڪر ڪيو آهي ته سدرت المنتهي هڪ اهڙو وڻ آهي جنهن جي شڪل بلڪل اهڙي بليڪ هول جهڙي آهي جيڪا سائنس دان جاري ڪئي آهي ان حوالي سان برطانوي نشرياتي ادارن جي ميزبان کلئير فوريسٽئر چيو آهي ته  ان جي وجود کي  قرآن مجيد جي آيات جي ذريعي ثابت ڪيو ويو آهي. هن چيو ته خلاڪاري آهي بليڪ هول به تاريڪ شيءِ آهي. انسان ان کي پنهنجي اک سان نٿو ڏسي سگهي ڇو جو انسان جي نظر ان جي حد کي بائي پاس ڪندي آهي .هن چيو ته قرآن مجيد ۾ سفر معراج جون الله تعائي وڏيون نشانيون ڏيڪاريوآهي .هن بليڪ هول جي شڪل کي سدرت المنتهي سان تشبيه ڏني آهي ۽ هاڻي سائنسدانن جيڪا بليڪ هول جي تصوير جاري ڪئي آهي اها بلڪل سدرت المنتهي جهڙي ئي آهي. کلئير فوريسٽئر پنهنجي تجزي ۾ چيو آهي ته قرآن مجيد ۾ ستارن جي موضوع تي هڪ پوري سورت النجم موجود آهي جنهن ۾ ستارن جي تباهه ٿيڻ ۽ بليڪ هول جو پورو رڪارڊ موجود آهي .هن چيو ته قرآن مجيد ۾ بليڪ هول جي باري جيڪو ٻڌايو ويو آهي ان کي پڙهي جسم جي اندر هڪ سرد لهر پيدا ٿي ويندي آهي هن چيو ته جيڪا ڳالهه اڄ سائنسدان ثابت ڪري رهيا آهن اها ڳالهه قران پاڪ ۾ ڪيئي صديون اڳ چيل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.