ڪراچي شهر ٻڏي ويندو؟

يوسف سيف

ڪجهه سالن کان عالمي سطح تي گرمي پد وڌي ويو آهي. انسان جي مسلسل هٿ چراند ڌرتيءَ جي ماحول جو توازن بگاڙي ڇڏيو آهي، ماهر “گلوبل وارمنگ” جا هڪ کان وڌيڪ سبب بيان ڪن ٿا، ورهين کان وٺي ڌرتيءَ انسان جو واحد گهر آهي، ڪائنات ۾ ٻئي ڪٿي به زندگي جا آثار نٿا ملن. اڳي اهو خيال هوندو هو ته ڌرتيءَ جا وسيلا کٽڻا نه آهن پر هاڻي باشعور ماڻهو کان رڙ نڪريو وڃي ٿي. انسان جو فطرت، سان جهيڙو خود انسان جي ابتدا جيترو ئي پراڻو آهي. ٿوري گهڻي علم جي آڌار تي انسان جبل، ندين، واهن، طوفانن، سمنڊن ۽ هوا سان وڙهندي هن ڌرتيءَ جي گولي تي پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي. اهو درست آهي. پر انسان هٻڇي، لالچي ۽ گهٽ علم رکندڙ آهي.

تنهن ڪري هن فطرت، جي هر شيءِ سان زيادتيءَ ۽ ظلم ڪيو آهي، وسيلن کي احتياط سان استعمال ڪرڻ بجاءِ ان جي ڀيل ڪئي آهي. جنهن ڪري هاڻي هر گذرندڙ ڏينهن انسان لاءِ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي.

دنيا ۾ مجموعي طورتي گرمي وڌي رهي آهي، جنهن ڪري هڪ ئي وقت ڪيترائي مسئلا جنم وٺي رهيا آهن، ڪي مسئلا پهريون ڀيرو انسان کي سامهون اچي رهيا آهن، جنهن جو هن کان اڳ شايد اندازو نه هو. موسمي توازن ۾ لڳاتار بگاڙجي ڪري حضرت انسان هاڻي ويچارن ۾ ويڙهجي ويو آهي. ماحولياتي ۽ موسمي بگاڙ جو اثر دنيا جي هر ملڪ، هر طبقي ۽ هر انسان تي پوڻو آهي. اهو سوچڻ ته اسان محفوظ رهنداسين سراسر غلط آهي.

آساني سان سمجهڻ لاءِ هيئن ڇئجي ته، ڏوهه ڪير به ڪري پر سزا سڀني کي ملڻي آهي. گرمي پد وڌڻ سان ڪهڙا ڪهڙا اثر پوندا؟ ان سان انسان جي جسم ۾ پاڻي جي کوٽ ٿيندي. جنهن کي ميڊيڪل جي ٻولي ۾ هيٽ اسٽروڪ چئبو آهي زمين جي سطح به گرم ٿيندي، ڪيترائي جيت جڻا، جانور، پکي پکڻ ۽ ٻيون اهڙيون زندگيون جيڪي گرمي جي سٽ سهي نه سگهنديون ختم ٿي وينديون. عام توڙي خاص وسيلن تي بار وڌندو. پاڻي جو واهپو وڌيڪ ٿيندو، سرندي وارا ائيرڪنڊيشنر وڌيڪ استعمال ڪندا، هلڪن، سنهن ڪپڙن پائڻ جو رواج پوندو، بلڪه ائين به ٿي سگهي ٿو، گرمي جي شدت جي ڪري اوهان کي ڪي خاص ڊزائن ڪيل ڪپڙا پائڻا پون، نه ته اوهان جي چمڙيءَ انساني جسم کي نقصان پهچڻ جو خطرو رهندو.

اوچن جبلن تي ڄميل برف جون ڇپون تيزي سان پگهرڻ شروع ٿينديون، جبلن تان وهندڙ پاڻي ڦري گهري هيٺئين هنڌن تي پهچندو، ڌرتي جي بيهڪ اهڙي آهي جو بهرحال اهو سمورو پاڻي سمنڊ ۾ پهچندو، تنهن ڪري سمنڊ جي سطح مٿي چڙهندي.

عالمي سطح تي ڪم ڪندڙ ماهرن خبردار ڪيو آهي ته زمين جي سطح، سمنڊ اندر توڙي فضا ۾ جنهن حساب سان انسان زهريلا مادا خارج ڪري رهيو آهي، ان سان گرمي جي شدت، وڌي رهي آهي ۽ 21 هين صدي جي مڪمل ٿيڻ تائين ڪيترائي گليشيئر، برفاني پهاڙ ڳري درياهن، ندين ۽ نين جي ذريعي سمنڊ ۾ شامل ٿي ويندا. جنهن سان مجموعي طور تي سمنڊ جي سطح ۾ 3 فوٽ پاڻي مٿي چڙهي ايندو ۽ ان جي نتيجي ۾ لکين ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي لڏپلاڻ ڪري وڃڻو پوندو. گڏوگڏ سمنڊ جي اندر گدلاڻ وڌندي، تيزابيت ۾ اضافو ٿيندو، گرمي پد پاڻ سان ٻين آفتن ۽ مصيبتن کي به کڻي ايندو، ڪيترن ئي جيتن، جانورن ۽ مڇين جا قسم ختم ٿي ويندا، ٻوڏون اينديون ۽ وبائي بيماريون به پکڙنديون.

اهڙي ئي صورتحال ۾ سمنڊ ڪناري تي ٻڌل شهرن جي غرق ٿيڻ جو خطرو آهي، ڪراچي سان ته وري اهڙو ظلم ڪيل آهي جو سمنڊ جي ويرن چڙهڻ وقت، پاڻي کي شهر ڏانهن وڌڻ کان روڪڻ لاءِ اڳي جيڪي قدرتي لنگهه، چينل يا کاريون هيون انهن کي ”ري- ڪليميشن“ جي نالي ۾ ڀرائي ڪري انسان سمنڊ کان زمين ڦري آهي، سو هاڻي جيڪڏهن سمنڊ طاقتور ٿيو ۽ ڪاوڙيو ته پوءِ پنهنجا سمورا بدلا وٺندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.