داتا درٻار تي آپگهاتي حملو ، بي گناهن کي ماري جنت ڪمائڻ واري سوچ تبديل ڪرڻي پوندي!

ڪبير احمد خانزاده

پاڪستان ۾ هڪ وقت هيو جڏهن هر ٻئي ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ آپگهاتي ڌماڪا ٿيندا هئا، عوام پنهنجي پاڻ کي غير محفوظ سمجهندو هو، مسجدون هجن يا اسڪول، امام بارگاهون هجن يا عيسائين جا گرجا گهر، بازارون هجن يا عوامي ميڙ وارا هنڌ ڪو به علائقو محفوظ نه هيو، ايتري تائين جو رستي ويندي به پاڻ کي غير محفوظ تصور ڪندا هئاسين، مطلب ته ڌماڪا ۽ آپگهاتي حملا اسان جي زندگي جو هڪ حصو بڻجي ويا هئا،ان وقت به حڪومتن دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا،ڳالهيون ته گهڻيون ٿيون پر عمل نه ٿيو، نيشنل ايڪشن پلان آندو ويو جنهن تي هن وقت تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي.
پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي دهشتگرد حملي کانپوءِ سياسي ۽ عسڪري قيادت انهي ڳالهه تي متفق ٿي ته فوجي عدالتن جو قيام عمل ۾ آندو وڃي ڇو ته دهشتگرد يا اهڙا ڏوهاري جيڪي بااثر يا پنهنجن علائقن ۾ خوف جي علامت سمجهيا ويندا هجن انهن خلاف ڪيس بنا ڪنهن ڊپ جي هلائي سگهجي، فوجي عدالتون قائم ٿيون پر ان باوجود به دهشتگردي جون ڪارروايون جاري آهن.

ها اها ڳالهه مڃڻ جي آهي ته آپگهاتي حملن ۾ ڪنهن يا ٽارگيٽ بم ڌماڪن ۾ ڪنهن حد تائين گهٽتائي ضرور آئي آهي، پر اسان ان کي مڪمل ختم سمجهون اها اسان جي غلطي هوندي، ڇو ته هڪ بيانيو رهيو آهي ته اسان دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، دهشتگردن جو نيٽ ورڪ تباهه ڪري ڇڏيو آهي، پر ان هوندي به داتا درٻار جهڙا حملا اسان کي اهو سمجهائڻ لاءِ ڪافي آهن ته اسان ڪنهن حد تائين دهشتگردن جي نيٽ ورڪ کي تباهه ڪرڻ ۾ ته ڪامياب ويا آهيون پر سندن سوچ کي تبديل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ويا آهيون، اڄ به اهڙيون ڪيمپون موجود آهي جيڪي مذهب جي نالي تي اهڙا جهادي تيار ڪري رهيون آهن جيڪي ڪنهن به وقت ڪٿي به، ڪجهه به ڪرڻ لاءِ هر دم تيار رهن ٿا.

حڪومت نيشنل ايڪشن پلان جي نالي تي مدرسن ۽ مسجدن جي ته مانيٽرنگ ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي پر انهي سوچ کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪجهه ناهي ڪري رهي، ان جي ابتڙ مدرسن ۽ مسجدن جي مانيٽرنگ سان ويتر حڪومت خلاف مذهبي ڌرين جا خدشا وڌي رهيا آهن، صرف مذهبي نه پر اهڙا سياسي ماڻهو جيڪي ڪنهن نه ڪنهن وقت مذهب جو نالو استعمال ڪري ٽرمپ ڪارڊ کيڏندا رهيا آهن انهن به سرڪار خلاف ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

شيعا، سني، ديو بندي، اهلحديث خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا فرقه اسان اسلام ۾ ٺاهي ڇڏيا آهن، هر ڪو پنهنجو پنهنجو راڳ الاپي رهيو آهي، پر مسلمان ٿيڻ لاءِ ۽ انسانيت سان محبت ڪرڻ لاءِ انسانيت جو درس ڏيڻ لاءِ ڪو تيار نه آهي، جيڪڏهن اسان کي انهن آپگهاتي حملن کي روڪڻو آهي ته صرف مسلمان ٿي سوچڻو پوندو،امن ۽ ڀائچاري وارو ماحول پيدا ڪرڻوپوندو، اسان کي اها سوچ ته اسان شيعا کي ماري جنت ڪمائينداسين، سني کي ماري جنت ڪمائينداسين اهو بيانيو ختم ڪرڻو پوندو،ان لاءِ ضروري ناهي ته مذهبي ڌرين کي قدم کڻڻو پوندو پر ان سان گڏو گڏ سياسي ۽ عسڪري قيادت کي به سنجيدگي سان قدم کڻڻو پوندو، جيئن اهو ناسور هميشه هميشه لاءِ ختم ٿي وڃي.

اسان جو دين اسلام اسان کي اهو نٿو سيکاري ته اسان بيگناهه ماڻهن جو رت وهائي جنت حاصل ڪري وٺنداسين، هاڻي انهي سوچ جا آڱرين تي کڻڻ جيترا ماڻهو ئي رهيا آهن پر انهن جي سوچ جيستائين تبديل نه ٿيندي داتا درٻار، حضرت قلندر لال شهباز رحه سميت ٻين اوليا الله جي درگاهن تي ڌماڪا ٿيندا رهندا، بيگناهه ماڻهن کي ماري جنت ڪمائڻ وارو تاثر ختم ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪيو وڃي.داتا درٻار تي آپگهاتي حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار ۽ زائرين جي وارثن جو ڏک ونڊن لاءِ ضروري آهي ته سرڪار سنجيدگي سان ملوث ماڻهن جي گرفتاري لاءِ قدم کڻي ۽ انهن کي ڪيفرڪردار تائين پهچائي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.