جسماني سرگرميون ڪينسر کان به بچائن ٿيون!

بالٽي مور (ويب ڊيسڪ) وڏي آبادي تي ڪيل هڪ مطالعي مان انڪشاف ٿيو آهي ته جيڪڏهن ڪو جسماني طور تي فٽ آهي ۽ باقاعدا ورزش ڪندو آهي ته اهو

ڪيترن قسمن جي ڪينسر حملن کان بچي سگھي ٿو. ڊيٽرائٽ جي هينري فورڊ هيلٿ سسٽم ۽ بالٽي مور جي جان هاپڪنز اسڪول آف ميڊيسن جسماني طور تي بهترين ۽

فٽ ماڻهن ۽ انهن ۾ ڦڦڙن ۽ آنڊن جي ڪينسر وچ ۾ تحقيق ڪري ٻڌايو آهي ته اهڙا ماڻهن ۾ اول ته ڪينسر جو خطرو گھٽ هوندو آهي ۽ ٻيو ڪينسر ٿيڻ جي صورت ۾

جيئرو رهڻ جو امڪان ٻين جي ڀيٽ بهتر هوندو آهي. ان سروي ۾ اڻونجاهه هزار کان وڌيڪ مريضن جو ڊيٽا گڏ ڪيو ويو جيڪي اڻويهه سئو ايڪانوي کان ٻه هزار نوَ

جي وچ ۾ ورزش، ذهني دٻاءَ ۽ فٽنس جي ڪيترن ٽيسٽ مان گذريا هئا.

ان گروپ ۾ ڇائيتاله سيڪڙو عورتون، چوهٺ سيڪڙو ڀُوري، اڻويهه سيڪڙو ڪاري نسل جا ۽

هڪ سيڪڙو هسپانوي شامل هئا. سروي سان واسطو رکندڙ ماهر ڊاڪٽر ڪيٿرين مارشل جو چوڻ آهي ته اهو پنهنجي نوعيت جو پهريون مطالعو آهي جنهن ۾ ڀوري رنگ

جي نسل کانسواءِ گھڻن نسلن جي ماڻهن کي شامل ڪيو ويو آهي.

جيتوڻيڪ ورزش ۽ دل جي مرضن ۾ گھٽتائي وچ ۾ گھرو واسطو دريافت ٿي چڪو آهي پر اڃا تائين فٽنس،

ورزش ۽ ڪينسر وچ ۾ واسطو دريافت نه ڪيو ويو هو. مطالعي ۾ شريڪ ماڻهن جون عمريون ڇاليه کان ستر سالن تائين هيون ۽ ستن سالن تائين هنن جي ورزشي عادتن مثال طور ڪارڊيو رسپائريٽري ورزش ۽ ايم اي ٽي ورزشن کي نوٽ ڪيو ويو. ان کان پوءِ ماهرن ان ۾ ڪينسر سان متاثر ٿيڻ جي رجحان کي نوٽ ڪيو.

سروي مان خبر پئي ته گهڻي فٽ ۽ ورزش ڪندڙ ماڻهو ۾ ڦڦڙن جي ڪينسر ٿيڻ جو خطرو 77 سيڪڙو ۽ آنڊن جي جي ڪينسر جو خدشو 61 سيڪڙو تائين گھٽجي ويندو آهي. ان کان علاوا فٽ ماڻهو جيڪڏهن ڪينسر جي ان ٻن قسمن جو شڪار ٿي وڃن تڏهن به ان ۾ بحالي ۽ زندهه رهڻ جوامڪان روشن هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.