رپورٽ:ڄامشورو: پيٽرول پمپ جو مالڪ ڳوٺاڻن کي ڇو تنگ ڪري پيو …؟؟؟

*ڄامشوري ويجهو  علي آباد ۾ سدا بهار پيٽرول پمپ  جي   پاران مقامي ماڻهن تي مبينا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ ڌمڪائڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو .

ڳوٺاڻن  وڪيو برفت ، الله ڏنو برفت ، سائين بخش برفت جي اڳواڻي ۾ عورتن ۽ معصوم ٻارن  انڊس هاء وي تي ڌرڻو  هنيو .

ڳوٺاڻن جي ڌرڻي سبب انڊس هاءِ وي تي  سوين گاڏيون بيهجي ويون  جڏهن ته روڊ بند ڪرڻ تان پوليس ۽ ڳوٺاڻن ۾ چڪريون پڻ  ٿيون .

ڳوٺانن مطالبو ڪيو آهي ته  پيٽرول جو مالڪ مقامي ماڻهن کي تنگ ڪرڻ بند ڪري ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو…….. …………………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.