شهباز لنڊن، نواز شريف جيل ۾

زلف پيرزادو

مسلم ليگ (ن ) جو اهم اڳواڻ ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ته خبر ناهي ڪهڙي اين آر او يا حڪمت عملي تحت وڃي لنڊن وسائي پر بيماري ۾ ورتل اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي عدالتي حڪم بعد ڪوٽ لکپت جيل پهچايو ويو آهي.

هوڏانهن اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به ڀيڻ فريال ٽالپر سميت نيب جون حاضريون ڀري رهيو آهي، حالتن مان محسوس ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ هڪ ڀيرو وري سياسي گرمي پد وڌي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته بظاهر مخالف ڌر جو گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري اهي امڪان وڌي رهيا آهن ته مخالف ڌر وڌيڪ مضبوط ٿيندي ڇاڪاڻ ته آصف علي زرداري به وڏو سياسي کيڏاري آهي. حڪومت خلاف عوامي سطح تي مايوسي ۽ ڪاوڙ ته موجود آهي ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ سرڪار عام چونڊن ۾ ڪيل واعدن جي بلڪل ابتڙ ڪم ڪري ويٺي آهي، خاص طور مهانگائيءَ عام ماڻهوءَ جي چيلهه چٻي ڪري وڌي آهي، بيروزگاريءَ ۾ ڪا هڪ سيڪڙو به گهٽتائي نه آئي آهي، اڃان تائين ڪنهن هڪ به ماڻهوءَ کي گهر نه مليو آهي، اهڙي صورتحال جو مخالف ڌر ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهي ٿي.
سينيٽر رضا رباني، اعتزاز احسن، مولانا فضل الرحمان حڪومت مخالف تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، بلاول ڀٽو زرداري ته اڳ ئي ميدان ۾ لٿل آهي، اسٽيبلشمينٽ نواز ليگ کي ته پاسيرو ڪري ڇڏيو آهي هاڻي جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ کي به بند گهٽيءَ ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ٽڪراءُ واري صورتحال جنم وٺي سگهي ٿي، جيڪا پي ٽي آءِ سرڪار کي ڏکيو ڪري سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ سرڪار جي هن وقت تائين ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ رهي آهي، عام چونڊن دوران وزيراعظم عمران خان وڏي واڪي اعلان ڪيو هو ته ” خودڪشي ڪنداسين پر آءِ ايم ايف وٽ نه وينداسين“ عملي طور ڪم اعلان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي، هوڏانهن بلوچ اڳواڻ اختر مينگل سان ڪيل وعدن تي به اڃا تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي، خود پي ٽي آءِ اندروني طور تي به ڏڦيڙ جو شڪار آهي، مطلب ته سرڪار مخالف ماحول ته موجود آهي صرف عملي طور مخالف ڌر کي ميدان تي اچڻ جي دير آهي، آصف زرداري ته اهڙو سياسي بازيگر آهي جو پارليامينٽ اندر به سرڪار کي ڏچي ۾ ڏئي سگهي ٿو، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته شهباز شريف ڪهڙو فيصلو ڪري ٿو واپس ٿو اچي يا مخالف ڌر اڳواڻ واري عهدي تان استعيفا ڏئي ٿو يا واپس اچي سرڪار مخالف مهم جو حصو بڻجي ٿو، هوڏانهن نواز ليگ ۾ اهو به بحث شروع ٿي ويو آهي ته نواز شريف جي جيل وڃڻ کانپوءِ پارٽي صدارت ڪنهن جي حوالي ڪئي وڃي، ان سلسلي ۾ حمزا شهباز ۽ مريم نواز جا نالا ورتا پيا وڃن بحرحال حالتن مان محسوس ٿئي ٿو ته مستقبل ۾ سياسي طور ڪي اهم تبديليون اچي سگهن ٿيون، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي پاليسي ڪهڙي ٿي بڻجي، ان کانپوءِ ئي سياسي صورتحال واضح ٿي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.