نشويٰ ڪيس: دارالصحت اسپتال جي مالڪن ضمانت حاصل ڪري ورتي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) نشوا فوتگي ڪيس ۾ نامزد دارالصحت اسپتال جي مالڪن عدالت مان عارضي ضمانت حاصل ڪري ورتي .

گذريل ڏنهن ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ تي دارالصحت اسپتال جي مالڪن عامر چشتي ۽ علي فرحان عدالت مان فرار ٿي ويا هئا.

عدالت 50، 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ٻنهي جوابدارن جي ضمانت منظور ڪندي پراسيڪيوٽر جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.