رپورٽ:مسوڀرڳڙي: ماڻهو ايڇ آءِ وي ۾ فوت ٿين پيا، صحت کاتو ننڊ ستل آهي: حليم عادل

* حيدرآباد ۾ ايڊز جي موذي مرض وگهي هڪ وڌيڪ نوجوان فوت ٿي ويو آهي جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 8 ٿي ويو آهي.

ايڊز  جي وبا وگهي ڳوٺ ميوو حاجاڻو ۾ هڪ وڌيڪ نوجوان فوت ٿي ويو آهي جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 8 ٿي ويو آهي.

 ٻئي طرف حيدرآباد ٻهراڙي ۾ ايڇ آءِ  وي  جا ڪيس ظاهر ٿيڻ واريون خبرون ميڊيا تي نشر ٿيڻ ۽ ڇپجڻ بعد پي ٽي آءِ پاران ڪئيمپون قائم ڪيون ويون آهن .

پي ٽي آءِ جي اڳواڻ حليم عادل شيخ ڳوٺ مٺو حاجاڻو ۽ ڳوٺ آخوند جو بنگلو ۾ اسڪريننگ ڪئمپون  قائم ڪري ورتيون آهن .

 ڪئمپن جي دوري دوران پي ٽي آء سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو ته   400ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي،جنهن مان ٻه مرد 3 ٻارڙا 25 عورتن کي ايڇ آء وي هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

،هن چيو ته 96 ارب رپيا بجيٽ هوندي به صحت کاتو ۽ سنڌ حڪومت وٽ ايتري بجيٽ هوندي به  هتي جا ماڻهون ايڇ آ ء وي وائرس ۾ فوت ٿي رهيا آهن

حليم عادل چيو ته صحت کاتي جي وزير چوي ٿي ته اسان اسڪريننگ نٿا ڪري سگهون پوء هي ماڻهون ڪيڏانهن وڃن،هن چيو ته وهندڙ پاڻي ۽ وهندڙ رت مان ڪڏهن بيماري ناهي ٿيندي……………

*********

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.