رپورٽ:درياءَ خان مري: شھيد علي شير راڄپر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

درياءَ خان مري ۾ پڊعيڊن جي صحافي شھيد علي شير راڄپر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

قلم ڌڻين  رانا رياض الحسن،  عبدالحفيظ پلهه،  رائو واجد علي ، وريل سنڌي،  امام بخش عمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته  علي شير راڄپر کي حق سچ لکڻ تان قتل ڪيو آويو آهي.

هنن چيو تھ  قتل جي ايف آء آر داخل ٿيڻ باوجود  پڊعيڊن پوليس قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آحي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته صحافي علي شير راڄپر جا قاتل گرفتار ڪري وارثن کي معاوضو ڏنو وڃي  ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو…………

******

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.