رپورٽ:ڪوٽڏيجي: ميرواھ ڪئنال ۾ ٻڏي ويل نينگري جو مڙهه24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود نه نه مليو

*ڪوٽڏيجي  ويجهو ميرواھ ڪئنال ۾ راند ڪندي پير ترڪن سبب ٻڏي  ويل نينگري جو مڙهه نه ملي سگهيو آهي .

10 ورهين جي معصوم نياڻي فرزانه مڱڻهار جو مڙهه 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود به نه ملي سهگيو.

نينگري جي  والد  محمد عظيم مڱڻهار جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو آهي ته  24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود به نينگري جو لاش ناهي ملي سگهيو.

 هن چيو ته ڊي سي خيرپور اي سي ڪوٽڏيجي توڙي لاڳاپيل ادارن کي اطلاع پڻ ڏنو آهي ڪوبه مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

 اي سي ڪوٽڏيجي گذريل ڏينهن ميرواھ ڪئنال تي پهچي اسان کي چيو ته ٽوٻا ضلعي ۾ ناهن سکر کان گهرايون ٿا 2 ڪلاڪن ۾ اچي ويندا جنهن کي پڻ 24 ڪلاڪ گذري ويا آهن ڪوبه ٽوٻو ناهي گهرايو ويو.

هن  وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته نينگري جي لاش ڳولرائن ۾ مدد ڪن………….

*******

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.