رپورٽ: ڪوٽڙي: رمضان ڀلاري مهيني ۾ ايس ايس پي پاران سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت

ايس ايس پي ڄامشورو توقير  محمد نعيم چيو آهي ته رمضان جي مهيني ۾ مسجدن، امام بارگاهن ۽ عوامي هنڌن تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪندي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

ايس ايس پي توقير محمد نعيم پنهنجي آفيس ۾ شهر جي مذهبي ۽ سماجي اڳواڻن سان گڏجاڻي ڪئي.

گڏجاڻي ۾ ايس ايس پي توقير محمد نعيم گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي چيو ته رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا آهن

هن چيو ته مارڪيٽن، بچت بازار، مذهبي هنڌن تي ۽ ٻين جاين تي پوليس مقرر ڪري عوام جي جان ۽ مال کي تحفظ ڏنو ويندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.