ڇا شهيد ٿيل صحافي علي شير راڄپر جي خون سان انصاف ٿيندو….!!!

گل بهار علي

آچر جي رات دير سان پڊعيدن جي نوجوان صحافي علي شير راڄپر کي وچ شهر ۾ قتل ڪيو ويو، ان بابت تازو اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن مان ۽ اڻ کٽ صحافين جي مظاهرن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته رياست صحافين کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي،

 

ان جو واضع مثال شهيد صحافي علي شير راڄپر آهي، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي هلندڙ خبرن موجب علي شير راڄپر کي حق سچ لکڻ تي مقامي گورنمينٽ سان لڳاپيل بااثرن قتل ڪرايو آهي. تجب جي ڳالهه اها آهي ته هڪ صحافي معاشري جو عڪس هوندو آهي، هي هڪ قتل نه پر پوري معاشري جو قتل آهي.

 

هاڻ تي اهو به سامهون اچي ويو آهي ته صحافي جي حياتي کي پهريان کان ئي خطرو هو ان ڪري هن ڊي ايس پي فيض گنج کي درخواست پڻ ڪئي هئي ته حياتي کي خطرو آهي، تحفظ فراهم ڪيو وڃي، افسوس جي ڳالهه آهي جو اتان جي ڊي ايس پي به ان ڳالهه کي سيريس نه ورتو ۽ نوشهروفيرزو ضلعو اڄ هڪ نوجوان صحافي کان محروم ٿي ويو آهي.

 

آخر ڪڏهن اسان جي پوليس وي آءِ پي سان گڏوگڏ عام صحافي، شهري ۽ سماج لاءِ جاکوڙيندڙن کي به تحفظ فراهم ڪندي، ڇا پوليس جو ڪم صرف ايترو آهي ته رڳو اڳاڙي ۾ رڌل هجي، بس وي آءِ پي کي سيڪيورٽي فراهم ڪري يا وري ڀوتارن جي بنگلن جا چڪر پيا ڪاٽين، پوليس جو صحافي علي شير کي تحفظ فراهم نه ڪرڻ به قانوني ڏوهه آهي، پوليس جي معنيٰ آهي محافظ، جيڪڏهن پوليس تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام وڃي ته پوءِ اسان کي اهڙي اداري جي ڪا به ضرورت ناهي.

اڄ سڄي سنڌ صحافي علي شير راڄپر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهي ته ٻئي طرف پوليس روايتي انداز موجب ڪارروائي ڪرڻ واري سوچ ۾ رڌل آهي. هاڻ اسان ڳالهه ڪنداسين ته صحافي علي شير راڄپر کي ڇو قتل ڪيو ويو.

 

ميڊيا رپورٽن موجب ته پڊعيدن پريس ڪلب جو جنرل سيڪريٽري 24 ورهين جي علي شير راڄپر کي شهر ۾ صفائي نظام درست نه هجڻ ۽ مبينا ڪرپشن بابت خبرون اخبار ۾ شايع ڪرڻ واري معاملي تان قتل ڪيو ويو، رپورٽن موجب، صحافي جڏهن پريس ڪلب بند ڪري رات جي وقت گهر وڃي رهيو هو ته ٻن هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي علي شير کي شهيد ڪيو، جنهن جي سبب مڪاني نظام حوالي سان ڪجهه خبرون ميڊيا ۾ شايع ڪرڻ آهي.

 

ان سان واضع ٿئي پيو ته هڪ سچ لکندڙ صحافي کي شهيد ڪري آزاد صحافت تي وار ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت جوڳو نه آهي، ٻهراڙين ۾ اڪثر اها ڳالهه ڪئي ويندي آهي ته ڀوتارن جي سامهون ڪو به ٽڪي نٿو سگهي، اهو ڀلي ڪير به هجي، ان ڳالهه جو مطلب ته رياست ناڪام ٿي چڪي آهي، گورنمينٽ جا ئي ماڻهون جيڪڏهن قتل ۽ ٻين وڏن وڏن ڏوهن ۾ ملوث آهن ۽ پوليس به انهن کي ئي تحفظ ڏيڻ واري سوچ رکي، ته پوءِ عام شهرين جو ڇا ٿيندو…؟ هاڻ انتظار ان ڳالهه جو آهي ته روايت موجب شهيد ڪيل نوجوان صحافي جو خون لوڙهيو ويندو يا وري انصاف ٿيندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.