آرمي چيف جو سينٽرل آرڊيننس ڊپو راولپنڊي جو دورو

پراڻن هٿيارن کي استعمال جوڳو بڻائڻ تي سي او ڊي جي تعريف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سينٽر آرڊيننس ڊپو ( سي او ڊي) جو دورو ڪيو.

پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف سي او ڊي جي مختلف حصن جو دورو ڪيو.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته سي او ڊي ۾ اسپيشلائزڊ هٿيارن جي وسيع رينج ۽ فوجي ڪپڙا هوندا آهن، جنرل قمر جاويد باجوه قومي ناڻي تي بار گهٽائڻ ۽ پراڻن هٿيارن کي استعمال جوڳو بڻائڻ تي سي او ڊي جي تعريف ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب سي او ڊي پراڻي ۽ هٿ ڪيل سامان کي استعمال جوڳو بڻايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.