نواز شريف جي قافلي سان گڏ جيل واپسي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف جاتي امرا کان ڪوٽ لکپت جيل روانو ٿي ويو آهي، مريم نواز ۽ حمزا شهباز سميت ٻيا پارٽي اڳواڻ توڙي ڪارڪنن جو وڏو انگ ساڻس آهي.

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ضمانت جو وقت پورو ٿيڻ کانپوءِ کيس ڪوٽ لکپت جيل منقتل ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون هيون ۽ انتظاميا کيس ٻيهر جيل وٺي وڃڻ لاءِ جاتي امرا پهتي پر نواز شريف گرفتاري نه ڏني ۽ پاڻ جيل پهچڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، اڳوڻي وزيراعظم جلوس جي صورت ۾ جاتي امرا کان ڪوٽ لکپت جيل وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو آهي.

نواز شريف سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو وڏو انگ ريلي ۾ شريڪ آهي، جن ۾ خواجا آصف، جاويد هاشمي، شاهد خاقان عباسي، محمد زبير، مريم اورنگزيب، پرويز رشيد، طلال چوڌري ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته جاتي  امرا کان جيل تائين رستن جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو عملو به اتي موجود آهي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف جو چوڻ هو ته نواز شريف جي موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي، هو ووٽ کي عزت ڏيو جي نعري تي قائم آهي.

مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته عمران صاحب جي پوليس افطاري کان اڳ ئي جاتي امرا پهچي وئي، ائين هڪ سليڪٽڊ وزيراعظم ئي ڪري سگهي ٿو، عمران صاحب جي بي حسي جي انتها آهي، کانئس اهو به برداشت نه ٿيو ته هو ماءُ ۽ ٻارن سان گڏ پهريون روزو کولي.

هوڏانهن تحريڪ انصاف اڳواڻ فردوس عاشق اعواڻ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي جيل واپسي تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سڀ کان وڏي عدالت مان سزا ماڻيندڙ ڏوهاري ٺهي سنبري جيل موٽي رهيو آهي، ن ليگ لڄي ٿيڻ بجاءِ ڪرپشن کي ورلڊ ڪپ طور پيش ڪري رهي آهي، هڪ ڏوهاري کي اهڙي ريت پيش ڪرڻ ڏوهه جي مدد ڪرڻ برابر آهي، هي انوکو لاڏلو قيدي سمورن قانونن جا بخيا اڊيڙي رهيو آهي.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ 26 مارچ تي نواز شريف جي طبي بنيادن تي 6 هفتن لاءِ عبوري ضمانت منظور ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم جي ضمانت جو وقت اڄ 7 مئي تي ختم ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.