ٽيڪس آفيسرن جون شبر زيدي کي ڌمڪيون….!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان طرفان جتي هڪ پاسي ناليواري چارٽرڊ اڪائونٽنٽ شبر زيدي کي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو اُتي ئي ان فيصلي تي ايف بي آر جي اندر ئي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي ۽ اُتي موجود ان لينڊ روينيو آفيسرز ايسوسيئيشن ان تي سخت رد عمل ڏيندي عدالتي ڪارروائي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.

ميڊيا جي رپورٽن موجب ايسوسيئيشن طرفان جاري بيان ۾ راشد علي حڪيم جي ڪيس جو حوالو ڏيندي چيو ويو ته ايسوسيئيشن سمجهي ٿي ته خانگي شعبي مان ڪنهن شخص جي مقرري جو معاملو پهرين ئي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي ذريعي حل ٿي چڪو آهي.

ان بيان ۾ ارشد علي حڪيم جي ڪيس جو حوالو ڏنو ويو، جنهن کي خانگي خانگي شعبي مان آڻي ايف بي آر جو سربراهه بڻايو ويو هو، پر ان جو مدو هڪ سال جي عرصي تائين رهيو ۽ اِن لينڊ روينيو سروس آفيسر طرفان داخل درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ان مقرري کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو هو.

عدالت جو اِهو فيصلو هڪ مقام رکي ٿو ۽ ايسوسيئيشن هاڻ شبر زيدي جي مقرري جي خلاف اهڙي قسم جو ڪيس آڻڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيا آهن.

ايسوسيئيشن جي بيان ۾ چيو يوو آهي ته هن وقت حڪومت طرفان هاءِ ڪورٽ جي ان فيصلي کي چيلينج ناهي ڪيو وي جنهن ۾ پهرين ئي خانگي شعبي مان مقرري جي لاءِ تفصيل جاري ڪيا ويا هئا.

گڏوگڏ ئي اِهو به چيو ويو ته هن ڀيري نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد ايسوسيئيشن توهين عدالت جي درخواست ڪندي.

ٻئي پاسي ان معاملي تي جڏهن شبر زيدي سان رابطو ڪيو وي ته هن ميڊيا کي ٻڌايو ته اِهو سندس حق آهي ته هو ان ڪيس کي داخل ڪري.

هن پنهنجي ترجيحن جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو ته هو سمجهي ٿو ته رياست ۽ ٽيڪس ڏيندڙن جي وچ ۾ اعتماد قائم ڪرڻ سڀ کان وڏو چيلينج آهي، هي آٽوميشن، ٽيڪس مين ۽ ٽيڪس ڏيندڙن جي وچ ۾ رابطا گهٽ ڪرڻ ۽ رضاڪاراڻي عمل کي هٿي ڏئي ڪري سگهجي ٿو.

هوڏانهن ٽيلي ويزن تي هڪ ٻي ريمارڪس ۾ شبر زيدي ٽيڪس نظام جو حوالو ” اينٽي ٽيڪس“ جي طور تي ڏنو ۽ چيو ته سندس خواهش آهي ته هي تبديل هجي.

هڪ سينيئر چارٽرڊ اڪائونٽنٽ ۽ ڏهاڪن کان ملڪ جي ڪجهه وڏن واپاري ادارن سان طويل رابطا رکڻ واري شبر زيدي پاڻ سان تجربي جي دولت ۽ واپار جي چالن جي ڄاڻ رکي ٿو جيڪي عام طور تي ٽيڪس بچائڻ جي لاءِ استعمال ڪيون وينديون آهن.

شبر زيدي جي مقرري بابت اعلان جي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ئي مفادن جي ٽڪراءَ بابت تڪرار جا خدشا ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا ڇو ته شبر زيدي جي ڪجهه ڪلائنٽس ۾ پاڪستان جي وڏن ڪارپوريٽ ادارن سان سلهاڙيل ماڻهو به شامل آهن، جن جا ايف بي آر سان اربين رپين جي ٽيڪس جا معاملا آهن.

ان کان سواءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ ڪراچي سان تعلق رکندڙ واپاري شخصيت سليم مانڊي والا چوي ٿو ته هو هڪ پيشور آهي ۽ واپاري ڀائرن ۾ هڪ مشهور شخصيت آهي ۽ ان شئي کي نظر ۾ رکندي هو ان ملازمت جي لاءِ موزون آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.