پاناما ۽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي جاچ آفيسرن سميت 57 نيب آفيسرن کي ترقي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاناما۽ جعلي اڪائونٽس ڪيس جي جاچ آفيسرن سميت نيب جي  57 آفسرن کي ترقي ڏني وئي آهي. نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال نيب جي 57 اسٽنٽ ڊائريڪٽرن کي ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدي تي ترقي ڏئي ڇڏي آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب ترقي حاصل ڪندڙن ۾ سيد حسن نقوي، عدنان بٽ، عمران ڊوگر، حسن نور ۽ عمير راٺوڙ شامل آهن. سيده مليحا شبير، سحرش غلام ۽ زاور وڙائچ سميت ٻيا آفيسر به ترقي حاصل ڪندڙن ۾ شامل آهن.  نوٽيفڪيشن موجب آفيسرن کي بهترين ڪارڪردگي ۽ کاتي جي پروموشن ڪميٽي جي تجويز تي ترقي ڏني وئي آهي.  ذريعن موجب ترقي حاصل ڪندڙن ۾ پاناما ۽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس تي ڪم ڪندڙ جاچ آفيسر به شامل آهن جڏهن ته 22 اسٽنٽ ڊائريڪٽر به پهريون ئي چارج تي ڊپٽي ڊائريڪٽر طور ڪم ڪري رهيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.