ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا پرينيتي چوپڙا پاڪستان جي باصلاحيت راڳي ۽ اداڪار علي ظفر جي تعرفن جا پل ٻڌندي هن سان ڀيرو ٻيهر ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو.
تازو ئي هڪ انٽرويو دوران جڏهن اداڪارا پرينيتي چوپڙا کان اداڪار علي ظفر بابت پڇيو ويو ته هن علي ظفر جي جي تعريف ڪندي چيو ته جڏهن توهان علي ظفر سان ملندا آهيو ته توهان کي بلڪل به احساس ناهي ٿيندو ته علي جو واسطو ڪنهن ٻئي ملڪ سان آهي جيستائين هو پاڻ نه ٻڌائي. پرينيتي چوپڙا ڀارت ۾ پاڪستاني فنڪارن تي پابندي جي حوالي سان چيو ته هو ان پابندي جي حق ۾ نه آهي پر هن علي ظفر سان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته آئون فواد خان سان به ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي. فواد اسان جي انڊسٽري جو بهترين هيرو آهي، هن کي هتي گھڻو پيار ڏنو ويندو آهي.